وفاقي ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جي رٽائرمينٽ روڪي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪاري نامزد آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ملازمت تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ري ٽين ڪرڻ جي سمري پڙهي ٻڌائي جيڪا ڪابينا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت ڪنهن آفيسر جي رٽائرمينٽ جو وقت ايندو آهي ته بچاءَ واري وزارت۾ هڪ پرميشن جي درخواست ايندي آهي اهڙي نموني عاصم منير به بچاءَ واري وزارت ۾ رٽائرمينٽ جي پرميشن جي درخواست ڏني جيڪا رد ڪئي وئي ۽ کيس ري ٽين ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو .

پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ اهو قانون موجود آهي ته ڪنهن به آفيسر کي ري ٽين ڪري سگهجي، انڪري بچاءَ واري وزارت حفاظتي انتظامن تحت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جي ري ٽين واري سمري ٺاهي ته جيئن صدر طرفان سمري روڪڻ جي صورت ۾ عاصم منير 27 هين نومبر تي رٽائر نه ٿيندو ۽ اهو عمل قانوني طور بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.