اسٽيبلشمينٽ ته غلطين جو اعتراف ڪري ورتو، سياستدانن به تاريخ مان سبق سکيو !

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ جنرل اسلم بيگ کانپوءِ جنرل قمر جاويد باجوا اسٽيبلشمينٽ کي سياسي معاملن کان الڳ ڪرڻ ۽ غلطين جو اعتراف ڪندي ملڪ جون واڳون سياستدانن حوالي ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي سمورو بار سياستدانن جي ڪلهن تي اچي ويو آهي، ايئن چئجي ته سياستدانن جو امتحان شروع ٿي ويو آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

جنرل قمر جاويد باجوا جو خطاب دراصل اداري جي مجموعي سوچ ۾ تبديليءَ جو اشارو آهي، سول حڪمرانيءَ کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين تي عمل ڪندي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻ واري سوچ اوچتو هڪ ڏينهن ۾ پيدا نه ٿي آهي، ان جو چڱو خاصو پس منظرآهي.

گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ اداري اندر هيٺين ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ سياست ۽ تاريخ جو مطالعو ڪندڙ نوجوانن جو وڏو انگ پنهنجي صلاحيتن آڌار ترقي ماڻي اهم عهدن تي پهتو آهي، اهو تعداد اهو سمجهي ٿو ته ڪو به ملڪ سول جمهوري حڪمرانيءَ کانسواءِ معاشي طور ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سياست ۾ فوجي مداخلت سان ملڪ کي نقصان ئي ٿيندو آهي عوام ۽ فوج ۾ ويڇا وڌي ويندا آهن ڪن حالتن ۾ ته فوج ۽ عوام  آمهون سامهون ٿي ويندو آهي، معاشري ۾ سهپ ختم ٿي ويندي آهي ۽ انارڪي جنم وٺندي آهي.

سياست ۾ مداخلت جو ذميوار صرف اداري کي قرار نٿو ڏئي سگهجي، سياستدانن به هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڪڍڻ لاءِ اداري کي مداخلت تي مجبور ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سياستدان هڪ ٻئي کي مداخلت جو طعنو ڏيندا رهيا آهن، ان ڪري سياست ۾ به اهڙي قيادت جي ڀرتيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا سياست ۽ تاريخ جو وسيع مطالعو ڪري ملڪ کي جمهوري انداز سان اڳتي وٺي وڃي سگهي، ذاتي مفادن بدران عوام جي مفادن کي اوليت ڏئي عوامي خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪري جمهوري روايتن ۽ قدرن کي هٿي ڏئي سهپ ۽ رواداريءَ جو مظاهرو ڪندي رڳو فتح نه پر شڪست کي به دلي طور قبول ڪري اڳتي وڌي.

تاريخ ۽ سياست جو وسيع مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو ضروري آهي، ملڪيت يا دولت اهليت نه هجڻ گهرجي، پارلياماني سياست ڪندڙ هينئر آڱرين تي ڳڻڻ برابر بچيا آهن ڇو ته سياست جي نرسري شاگرد يونين هوندي آهي جنهن تي بندش سبب نوجوان سياسي قيادت پيدا نه ٿي سگهي آهي، تعميري تنقيد جي هڪ ته کوٽ آهي ٻيو علم نه هجڻ ڪري برداشت نه آهي، اختلاف يا تنقيد ڪندڙ کي کنڀڻ مسئلي جو حل نه آهي.

بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ واري غلطي سياستدانن جي کاتي ۾ ته وجهون ٿا پر ان سانحي مان سبق سکڻ لاءِ تيار نه آهيون، هاڻي سياستدانن تي وڏي ذميواري آهي خاص طور آصف علي زرداري ۽ نوازشريف تي وڌيڪ ذميواري آهي ته ملڪ جا ڳنڀير مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جمهوري قدرن کي سگهارو ڪن.

نوجوان قيادت کي پنهنجي وسيع تجربي سان اڳتي اچڻ ۽ ملڪي مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن، پنهنجين پارٽين ۾ جمهوري روايتن کي هٿي ڏين، هيٺين ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏين، انهن جي تربيت به ڪن، تاريخ جو مليل موقعو هٿان نڪري ويو ته پوءِ پڇتاءُ کانسواءِ سياستدانن وٽ ڪجهه به نه هوندو، هاڻي سياستدانن کي ملڪ هلائڻ جي اهليت ثابت ڪرڻي آهي.

نوٽ:ذلف پيرزادو جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 22-11-24 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.