ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون سپهه سالار بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ساحر شمشاد چیئرمین جوائنٹ چیفس آف اسٹاف کمیٹی ہونگے: وفاقی وزیر اطلاعات مریم اورنگزیب/ فائل فوٹو

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي نئون آرمي چيف ۽ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي بچاءَ واري واري وزير خواجا آصف چيو ته آهي ته اميد آهي ته صدر ايڊوائس جي منظوري ڏيندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف ٻڌايو ته صدر ڏانهن آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جي سمري موڪلي وئي آهي تنهنڪري صدر ان جي منظوري ڏئي ته جيئن ڪو تڪرار جنم نه وٺي.

بچاءَ واري وزير چيو ته صدر جي عمران خان سان مشاورت تي تبصرو نه ڪندس، ان معاملي تي ٽوئيٽ ڪئي آهي، هوائي، سامونڊي ۽ هٿياربند فوج کي تڪراري نه بڻايو وڃي، اميد آهي ته صدر ان شيءِ کي تڪراري نه بڻائيندو ۽ ايڊوائس جي منظوري ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.