صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي، عمران کي آخري پيغام

لاهور ( ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  خطاب دوران باقي ڳالهين سان گڏ عمران خان کي به آخري پيغام ڏنو آهي ته گهڻو برداشت ڪيو آهي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي.

نامياري صحافي موجب ان پيغام جو مطلب اهو آهي ته ايندڙ آرمي چيف کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃر،. ڇو ته عمران خان هڪ چينل کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته سمري پهچڻ شرط صدر عارف علوي مون سان مشورو ڪندو پوءِ صحيح  ڪندو.

ان ڪري آرمي چيف اهو عمران خان کي پيغام ڏنو ته وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو. ظاهر آهي ته  فوج ڪڏهن  به نه چاهيندي ته سندن نئون سپهه سالار تڪراري بڻايو وڃي.

نوٽ:معظم فخر جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 22-11-24 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.