وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ نئون معاهدو ٿيڻ گهرجي

ميڊيا ۾ آيل هڪ خبر گهڻي خوشي ڏيندڙ آهي، اها آهي سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت کان ڪيل گهر جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ سان گئس جي حوالي ۾ به زيادتي ڪري رهي آهي، سنڌ جيڪا گئس پيدا ڪندڙ آهي، ان کي گيس جي فراهمي نه ٿي رهي آهي، جنهن سبب پاڪستان جي وڏي شهر ۽ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ ۾ گئس جي کوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ گيس جو کوٽ جي توقع ڪرڻ ئي نه سمجهڻ ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي.

اها ڳالهه سنڌ حڪومت جي توانائيءَ واري وزير امتياز احمد شيخ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي گهرج کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ باوجود گئس کان وانجهيل رکيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌ حڪومت کي وڌيڪ پسئن تي گيس خريد ڪرڻو پئجي رهيو آهي جيڪو هڪ واڌو بار آهي،

وزير صاحب نه رڳو گئس جي کوٽ جو ذڪر ڪيو پر بجليءَ جي کوٽ جو ذڪر پڻ ڪيو ۽ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خود ڪراچيءَ جي ماڻهن کي بجلي گهٽ ڏئي رهي آهي ۽ بل وڌيڪ اوڳاڙي رهي آهي، جنهن باري ۾ کيس آگاهه ڪيو ويو آهي، عوام اهو ڄاڻي خوش ٿيندي ڪي اليڪٽرڪ جي اهڙي هڪ هٽيءَ جو هيءَ آخري سال آهي، ڇو ته ان خلاف گهڻيون شڪايتون آيل آهن جيڪي ڏوهن جي ذمري واريون آهن جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ جي جڳهه تي ڪو ٻيو نعم البدل سنڌ حڪومت آڻي رهي آهي.

ساڳي طرح سنڌ پنهنجي گئس کي پڻ پنهنجي استعمال هيٺ آڻيندي واڌو گئس ٻين صوبن ڏانهن موڪليندي ڇاڪاڻ ته گئس جي معاملي جي ايگريمينٽ ۾ اهڙي تبديلي ڪئي ويندي. ڇو ته سنڌ گئس جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب سنڌ تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي. ڏٺو اهو به ويو آهي ته اڄ جي شهرن جي اڏاوت جديد گهرجن کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي جن گهرجن ۾ جيتري اوليت بجلي ۽ کيس کي آهي شايد ٻئي ڪنهن به شئي جي گهٽ هجي، سنڌ حڪومت جو هي نهايت جرئتمنداڻو فيصلو آهي جو اها پنهنجي وسيلن جي مالڪيءَ ڏانهن نه فقط ڌيان ڏيڻ لڳي آهي پر ان فيصلي تي سختيءَ سان پابندي ڏانهن پڻ وڃي رهي آهي.

جيتوڻيڪ سنڌ جو عوام ۽ ساڃاهه وند ڌريون اڳ ئي اهڙي زيادتيءَ تي آواز اٿارينديون رهيون آهن، جنهن آواز کي خود سنڌ حڪومت پڻ نظر انداز ڪندي رهي آهي جنهن مان اهو گمان ظاهر ٿيندو رهيو آهي ته ڄڻ سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۾ بيوس رهجي وئي هجي. ڪيئن به هجي جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو ڪو به وزير اهڙي پڌرائي ڪري ٿو ته ان جي ڪنهن به طرح آجيان ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪالهه جيڪا ڳالهه مجموعي سنڌي عوام، سنڌ جا ساڃاهه وند چوندا رهيا آهن اها ساڳي ڳالهه سنڌ حڪومت جو عيوضي ڪري رهيو آهي پر اهو سڀ چوڻ جيسائين سچ جي صورت ۾ يا قانوني مزاحمت جي صورت ۾ ظاهر نه ٿيو آهي، تيستائين فقط وزير صاحب جو پريس بيان ئي آهي سنڌ حڪومت پنهنجي مالي وسيلن سان ڪيترو سلهاڙيل آهي ۽ اها وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترو  اڳتي وڃي سگهي ٿي اهو سڀاڻي ظاهر ٿيو آهي.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندي ته يقينن سموري سنڌي عوام ساڻن گڏ هوندي ڇو ته ملڪ جڙڻ کان اڄ تائين ملڪ جي ننڍن صوبن جي مالي وسيلن کي لڳاتار وفاق پاران لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي، ان جي موٽ ۾ ننڍن صوبن کي مليو ڪجهه به نه آهي، جنهن ڪري ننڍن صوبن ۽ اتان جي ماڻهن ۾ محروميءَ جي احساس جو جاڳڻ اڻٽر آهي. هاڻي جڏهن صوبائي حڪومتون خاص ڪري ننڍن صوبن جون حڪومتون وفاق جي معاملي تي پاڻ احساس محروميءَ جو شڪار هجڻ محسوس ڪري رهيو آهي تڏهن سندن زبان تي اهي ئي مسئلا تري آيا آهن جيڪي 75 سالن کان صوبا ۽ انهن جا عوام اظهاري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ائين ۾ ارڙهين ترميم ٿيڻ کانپوءِ صوبن کي اهي سمورا اختيار ڪاغذن ته ضرور ڏنا ويا آهن پر عملي صورتون ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيون آهن.

هاڻي جڏهن ننڍن صوبن پاران جڙيل حڪومتن پنهنجي صوبن جي وسيلن جي مالڪي شروع ڪئي آهي ته اها ساراهڻ جي عمل کان گهٽ نه آهي. وفاق کي گهرجي ته پنهنجي ملڪ جي آئين جي پاسداري ڪندي ان ۾ صوبن لاءِ ڄاڻايل حق انهن جي حوالي ڪري، سنڌ حڪومت اهڙو آواز ظاهر ڪيو آهي اميد ٿي ڪجي ته ملڪ جا ٻيا ننڍا صوبا پڻ پنهنجي پنهنجي مرحلي تي سنڌ حڪومت جيڪو بجلي ۽ گيس جي مالڪي ڪرڻ وارو آواز ظاهرڪيو آهي ان ۾ ٻيا صوبا به پنهنجو آواز گڏائيندا ته اهو آواز زوردار ٿي پوندو ۽ آسانيءَ سان وفاق جي مسند تي ويٺلن جي ڪنن تائين پهچندو، اهو آواز صوبائي حڪومتن جو آواز آهي جهن ۾ صوبن جي سموري عوام جو آواز شامل سمجهڻ گهرجي، سنڌ حڪومت لاءِ اهڙي آواز اٿارڻ تي سنڌ جي عوام پاران سرهائي محسوس ڪرڻ وارو عمل ظاهر ٿيڻ لڳو آهي. جيڪو يقينن خوشيءَ وارو آهي. شرط فقط اهو آهي ته اهو صرف آواز نه هجڻ گهرجي، ان دائري ۾ قانون، آئين، انصاف، ۽ مزاحمت سڀ سجاڳ هجڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.