سماج سڌارڪ نوجوان عبدالوحيد ڀٽي به وڇڙي ويو!

مسرور سيال 

عبدالوحيد ڀٽي سان پنھنجي ملاقات ٽائون ڪميٽي جي  اڳوڻي پبلڪ لائبريري ۽ ھاڻوڪي شھيد صحافي شان ڏهر لائبريري ۾ ٿي ھئي خاص ڪري اخبارن جي مطالعي کان  پوءِ گل منير ڦلپوٽو، عبدالوحيد ڀٽي ۽ آءُ علمي ڪچھري رچائيندا ھئاسين . مختلف موضوعن جي چونڊ ڪري انھن تي ڳالھائيندا ھئاسين ، ڪڏھن ڪڏھن ته  بحث جو موضوع ٻن کان ٽن ڏينھن تائين به ساڳيو رھندو ھو . وڏي ڳالھه ته  جتي بحث کي ڇڏبو ھو اتان ئي عبدالوحيد ڀٽي صاحب ياد ڪرائيندو ھو ۽  شروعات ڪرائيندو هو .

ھيءَ ڳالھه  اڄ کان 15 سال اڳ جي آھي  سندس ان وقت ڄمار 22 کان 23 سال مس ھئي .اسان جي ڪچھري ۾ گل منير ڦلپوٽو بحث کي طول ڏيڻ جو ماھر ھوندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته  ھلندڙ موضوع تبديل به ڪرائي ڇڏيندو ھو پر عبدالوحيد ڀٽي وري به موضوع جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويندو هو . ڪو وقت اھڙو آيو جو پنھنجين ڪچھرين ۾ وڏو وقفو اچي ويو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيڻ لڳيون ھيون ان جو سبب مصروفيتن جو وڌي وڃڻ به ھو. ھن کي  نادرا ۾ نوڪري ملي وئي ھئي ھو ڏوڪري ۽ نصيرآباد ۾ رھيو شھر جي ھر ماڻھو کي عزت احترام ڏيندو ھو ۽ انھن جا مسئلا ڀرپور نموني حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو . آءُ کيس جڏھن فون ڪندو ھيس يا ڪارڊ ، نياپو ، سلام موڪلي ڪنھن به  شھري جي مسئلي حل ڪرڻ جو  چوندو ھئس ته  کين وڏي عزت احترام ڏيندو هو ۽ مسئلو حل ڪري موٽ ۾ سلام موڪليندو ھو .

حقيقت ۾ ھي ھڪ وڏو سماج سڌارڪ نوجوان ھو کيس قوم جو درد رھندو ھو ۽ ھر وقت ان اوني ۾ ھوندو ھو  ته اسان وٽ ڪو تعليمي علمي انقلاب برپا ٿي پوي اسان جو نوجوان ھر فيلڊ ۾ ڪارائتو ثابت ٿئي . ھو مون سان مختلف پروگرامن ۾ گڏ ھليو به ته وري منھنجي ڪتاب جي مھورت واري پروگرام ۾ وڏي چاھ سان شريڪ ٿيو ھو . جڏھن منھنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو ھو ته منھنجي عيادت لاءِ گل منير سان گڏ آيو ھو ته سندس چھري تي ڏک جا آثار چٽا نظر پئي آي سندس طبيعت ۾ مزو نه پئي آيو منھنجي حوالي سان فڪرمند هو  توڙي جو ھو مونکي خوش رکڻ لاءِ کلندو مرڪندو ۽ ٽھڪ ڏيندو رھيو . ملاقات  کان پوءِ به فون ڪال ڪري حال احوال پڇندو رھيو . گھڻي وٿي کان پوءِ جڏھن ڳالھه  ٻولھه  ٿي ھئي ته پاڻ فوري طور وقت ڪڍي ھڪ ڪچھري پروگرام رٿي ورتو ھو ھن دوران ھن جو پروموشن ٿيو ۽ نصرآباد کان ڪي اين شاھ نادرا آفيس جو انچارج ٿيو اسسٽنٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر بڻيو ھو ان سان گڏ ھڪ اھم ٽيسٽ پاس ڪري لنڊن  لاءِ وڃي رهيو هو . کيس ٽي ٻارڙا آھن ۽ ھڪ اچڻ وارو ئي ھو ان جي ئي فڪر ۾ ھو ته مھمان اچي ته ھو پنھنجي ڪمن سان لڳي وڃي . گل منير ڦلپوٽو موجب ته رات جو ڪچھري ٿي ھئي ھن توھان کي ياد ڪيو۽ چيائين ته مسرور ڏانھن ھلبو ساڻس چانھه گڏجي پيئبي ! ڪھڙي خبر ته ھي يار پنھنجا سمورا خواب  ۽ ارادا اکين ۾ سانڍي وٺندو ۽ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويندو ۽ اسان سڀن کي ايڏو وڏو  صدمو ڏئي ويندو .

چون ٿا ته ھو معمول موجب پنھنجي بائيڪ تي باڊھ کان ڪي اين شاهه ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو ته باڊھ ڀرسان بٺ شاخ وٽ ڪو تيز رفتار چنگچي رڪشا کيس ٽڪر ھڻي ويو ! رڪشا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ھي زخمي حالت ۾ روڊ تي تڙپندو رهيو گھڻو وقت گذري وڃڻ توڙي گھڻو رت وھڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي ته وري باڊھ جي سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند اڳ ئي آھي پر ڊاڪٽرن جي غير موجودگي اھڙن موقعن تي ھميشه نوٽ ٿيندي رھي آھي . اسپتال ته کيس پھچايو ويو پر فوري طبي امداد نه ملي سگھي ان جو سبب ڊاڪٽرن جو نه ھجڻ ھو .

آءُ سمجھان ٿو ته ھڪ قاتل ته اھو چنگچي رڪشا ڊرائيور آھي جيڪو عبرتناڪ سزا جو مستحق آهي جنھن کيس ٽڪر ھڻي زخمي ڪيو پر روڊ تي تڙپندو ڏسي ڇڏي فرار ٿي  ويو شايد ! ھو ھمت ڪري ھا ۽ کيس وقت تي اسپتال پھچائي ھا ته  ھو بچي پئي سگھيو . ٻيو قاتل ڊيوٽي  ڊاڪٽر آھن جيڪي لاپرواهي ڪري تڙپندڙ انسانن جي مدد لاءِ موجود نٿا ھجن . چون ٿا ته عبدالوحيد ڀٽي صاحب گھڻي رت وھي وڃڻ سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو بلڪل ايئن جيئن شھيد شان شان ڏھر تڙپي تڙپي دم ڏنو ھو سندس رت به گھڻو وھي چڪو ھو . افسوس باڊھ جي  اھڙي  اسپتال ھجڻ کان نه ھجي ھا ! خبر ناھي ھن اسپتال جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ڪيترن جون جانيون ورتيون ھونديون .

عبدالوحيد ڀٽي صاحب جھڙا نوجوان قومن جا اثاثا ھوندا آھن ھي پنھنجي وجود ۾ ھڪ سماجي فلاحي ادارو ھو . مونکي وڌيڪ صدمو اھو به آھي ته يار ان وقت وڇڙي ويو جڏھن مون باڊھه  مان لڏو کڻي ڪراچي اچي وسائي آھي سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه سگھيو آھيان . سندس وڏي ڀاءُ سنڌ جي نالي واري گلوڪار عبدالخالق ڀٽي صاحب سان ڏک ونڊيا ٿو.

چوندا آهن ته موت تي ميار ڪھڙي پر! مان چوندس اي موت توکي ميار آھي اسان کان سٻاجھڙو ، صدورو يار کسي ورتو اٿئي ! جنھن جي اکين ۾ اڃا ڪيترائي خواب ھئا جيڪي ساڀيان ٿيڻ گھرجن ھا جيڪي نه ٿي سگھيا ۽ ھو حادثي جو شڪار بڻجي پنھنجين بند  اکين  ۾ سانڍي تنھنجي ڀاڪر ۾ اچي ويو آهي . ڪڏھن اسين موت جي موضوع تي به  ڳالھايو ھو اڄ موت ۽  عبدالوحيد ڀٽي مضمون جو موضوع بڻيل رھيو .ڪاش عبدالوحيد ڀٽي ۽  زندگي موضوع ھجي ھا! جنھن جي مختصر زندگي جيڪا به مس ڪاميابي جي  رستي تي ھلي رھي ھئي ته موت جي بريڪر کيس روڪي ورتو ۽ ابدي جھان ڏانھن کڻي ورتو .

شھرين کي ڪيتريون ميارون ڏجن جتي سڀ ميارون آھن اتي ھي به ڏجي ٿي ته عبدالوحيد ڀٽي صاحب جو موت غفلت سبب ٿيو آهي ان جا ذميوار ڪير آھن وائکا ٿيڻ گھرجن.  چنگ چي وارو ڪير ھو پوليس انتظاميا تي دٻاءُ وجھو چوندا آھن خون ۽ کٿوري لڪي نه سگھندا آھن پر باڊھ ۾ قاتل لڪي وڃن ٿا خون لڙھي وڃن ٿا . شھرين جي بي حسي ھر شعور وند کي به بيوس بڻائي ڇڏي ٿي . عبدالوحيد ڀٽي صاحب تنھنجو جنم ۽ موت به ھن بيوس شھر ۾ ٿيو جتي احتجاج به ڪرائي تي  ۽ فوٽو سيشن خاطر ٿيندا آهن توڙي جو تنھنجو خون ٿيو آھي پر ھتي ھن کي اتفاقي حادثو قرار ڏئي لئي مٽي ڪيو ويندو چنگچي رڪشا ڊرائيور جھڙي نموني رڪشا ھلائن ٿا ۽ کين منع ڪجي ٿي ته اُرھا ٿي وڃن ٿا حادثا اتفاقي به ھوندا آھن پر اڪثر اسان وٽ ڄاڻي واڻي غفلت سبب ٿين ٿا . کڻي چئجي ته ھي حادثو به اتفاقي  ٿيو ھوندو پر! ھڪ تڙپندڙ کي روڊ تي ڇڏي وڃڻ ۽ ترت طبي امداد لاءِ نه پھچائڻ وڏي غفلت آھي جنھن سبب ئي زندگي جو ڏيئو اجھامي وڃي ٿو .

اھڙي غفلت ڪندڙ کي عبرتناڪ سزا ملڻ گھرجي . شھرين جو شعور ۽ پوليس جي سچائي چاھي ته  مرحوم عبدالوحيد ڀٽي صاحب جي قاتل چنگچي رڪشا ڊرائيور ۽ ڊيوٽي تان غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگھن ٿا جن جي غفلت سبب گھڻو رت وھي ويو ۽ ھڪ ڳڀرو سُلڇڻو نوجوان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.