سنڌ ۾ بدامني ۽ سياسي گرمي ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

سنڌ ۾ ھر طرف بدامني ۽سياسي گرما گرمي ئي بحث ھيٺ آهي جڏهن ته ٻيا سڀ مسئلا ۽ معاملا پوئتي ھليا ويا آهن عوام مھانگائي ۾ مارجي رھيو آھي پر ان جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي.بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ان تي به ڪير ڳالھائڻ لاءِ  تيار ناهي، سياري ۾ ماڻهو کي گرم ڪپڙا ناهن مليا اهي ڪنهن جي ايجنڊا تي ناهن ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا ايستائين جو مھانگائي جي ماريل عوام جي به بحث جو موضوع اھا گهوٽڪي جي ڪچي جي بدامني ۽سياسي گرمي آهن جيڪا گھٽ ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي، ڏينهون ڏينهن وڌي رھي آھي.

اڳ ۾ اھا سياسي گرمي ھڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ يا ٻين تي الزامن تائين محدود ھئي پر ھاڻي ڌاڙيلن جو به ذڪر شروع ٿيڻ کانپوءِ رتوڇاڻ جون ڳالهيون به ٿي رھيون آهن پر انهيءَ سڄي بحث دوران جيڪڏهن سڀني کان وسريل آهن ته اھي ٻوڏ متاثر آھن جن جي لاءِ  ڪا رٿابندي ناهي ۽ مٿان سيارو اچي پھتو آھي ته اھي لکين بي گهر ٿيل ماڻهو کليل آسمان هيٺ بنا ڇت جي اھي سخت سردي جا ڏينهن راتيون ڪيئن گذاريندا؟ انهن جي ڪنهن کي ڄڻ پرواھ ناهي ٿي ڄڻ ٻوڏ متاثر ھن رياست يا حڪومت جا ناهن، جن لاءِ  حڪومت توڙي مخالف ڌر وارا سوچين باقي ھڪٻئي کي سياسي طور تي گھٽ ڏيکارڻ لاءِ  ھڪڙا لانگ مارچ ڪري رھيا آھن ته ٻيا ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھن پر انھن ٻوڏ متاثرن لاءِ  ڳالھائڻ لاءِ  وٽن ٻه منٽ يا ٻه لفظ به نه آهن برساتي ٻوڏ کانپوءِ متاثرن کي رليف دوران جيڪي ڏکيايون پيش آيون اهي ڏينهن تي گذاري ويا پر ھاڻي جڏهن ٻه کان ٽي مھينا گذري ويا آهن تڏهن به انهن جي بحالي وارو ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو آهي ٻيو ته ٺهيو پر علائقن مان نه پاڻي نيڪال ٿي سگهيو آهي نه ئي وري ڪو رستو بحال ٿي سگهيو آهي.

ٻوڏ متاثرن سرڪار جو آسرو ڇڏي پاڻ مرادو پنهنجي بحالي واري ڪم لاءِ  پاڻ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۽ ٻين علائقن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن يا وري اھي روڊن تي عارضي پکا يا ڪيمپون قائم ڪري ترسيل آهن. شروع ۾ ته کين سرڪاري يا سماجي سطح تي انهن کي ماني ڳڀو ڀلي مڪمل نه سهي پر ٿورو گهڻو ملي رهيو هو پر ھاڻي وقت گذرڻ سان اھي رليف واريون ڪارروايون به بند ٿي ويون آهن سيارو اچي پھتو آھي ۽ اھي سيءُ ۾ ڪيئن کليل آسمان هيٺ ويهي گذارو ڪري سگھندا اھو سوچي ۽ لگ ڪانڊارجي ٿا وڃن.

اسان سمجھون ٿا ته سخت سيءُ شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ترت انهن ٻوڏ متاثر متاثرن لاءِ  بھترين بندوبست ڪرڻ گهرجي ٻوڏ متاثر بيمارين جهڙوڪ مليريا خارش ۽ پيٽ جي بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن ھن مھل تائين ڪيمپون فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 11ٿي ويو آهي جڏهن گلشن حديد جي ڪيمپ ۾ 9ٻار ۽ گڏاپ گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ 2ٻار فوت ٿي چڪا آهن پر سنڌ حڪومت سار سنڀال نه لڌي آهي ـ

ھن وقت گلشن حديد ويجهو برسات متاثرن لاءِ  قائم ڪيل خيما وسندي جي صورتحال اھا آھي ته گذريل 15 ڏينھن کان ان خيما وسندي ۾ متاثرن کي پيئڻ جو پاڻي روڪي ڪري سموريون سھولتون بند ڪيون ويون آھن. اھڙي عمل خلاف گذريل ڏينھن به  15 ڏينهن کان پيئڻ جو پاڻي بند هجڻ خلاف متاثرن علي نواز، راهب حسين، خميسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو آھي جنھن ۾ متاثر ملير انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا، جڏهن ته واٽر بورڊ، ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر هڪ مهينو اڳ ٽينٽ سٽي ڇڏي هليا ويا آھن، متاثر زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، سندنچوڻ ھو ته هڪ ته اسان کي جهنگ ۾ رکيو ويو آهي، پيئڻ جو پاڻي ڪٿان آڻيون، پاڻي بند ڪرڻ سان گڏ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي صفائي جو ڪم به بند ڪري ڇڏيو آهي صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، متاثرن جو چوڻ هو ته 2 مهينا به ناهن ٿيا ڪراچيءَ مان لڏائڻ لاءِ  ٽينٽ سٽي ۾ سهولتن جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، هڪ مهيني کان ضلعي آفيسر ٽينٽ سٽي ڇڏي هليا ويا آهن، اسان جا ڳوٺ شهر رستا اڃا پاڻي هيٺ آهن حڪومت اسان کي لڏائڻ جو تياريون ڪري رهي آهي، هنن چيو ته هن وقت تائين 9 ماڻهو ٽينٽ سٽي ۾ فوت ٿي چڪا آهن پر صحت جي اڃان سهولت ناهي ملي سگهي. ڪيترائي ٻارڙا ٿڌ سبب بيمار آهن، ضلعي انتظاميا ڪا واھر ڪرڻ لاءِ  تيار ناهي، انتظاميا ماني کانسواءِ سڀ سهولتون ختم پئي ڪري، هنن مطالبو ڪندي چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري صحت سميت سموريون سهولتون ڏنيون وڃن ۽اسين به سنڌ ڄاوا آھيون ان ڪري اسان کي پنھنجي شھر سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ مستقل آباد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.