مار! پروين رحمان جي قتل ڪيس جا جوابدار به آزاد ٿي ويا

زرار پيرزادو

¨ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪجهه ڏينهن اڳ 21 نومبر تي سماجي اڳواڻ ۽ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس ۾ پڪڙيل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيتوڻيڪ دهشتگردي ٽوڙي عدالت 2021ع ۾ پروين رحمان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

¨  هوڏانهن سماجي اڳواڻ جي وارثن ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.پروين رحمان جي ڀيڻ عقيلا اسماعيل هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلو سمجهه ۾ نه آيو. سڀ ڪجهه واضح هو، ٻنهي جي آءِ ٽيز انهن جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو هو.

¨ جڏهن ته عدالت جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي حيثيت چالان کان وڌيڪ ناهي. جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي عدالت ڪنهن جوابدار جي سزا يا بي گناهي جو فيصلو نٿي ڪري سگهي. حقيقي انصاف لاءِ ٺوس شاهديون گهربيون آهن. جيڪي هن ڪيس ۾ دستياب نه هيون تنهن ڪري شڪ جو فائدو جوابدارن کي ڏنو وڃي ٿو ۽ جوابدارن کي ڏنل سزا ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي.

¨ اهي به رپورٽون آهن ته پوليس هن قتل ڪيس ۾ وڏي غلفت ڪئي آهي. اها غفلت ڇو ۽ ڪيئن ٿي يقيني طور تي عدالت ۾ ان تي به بحث ٿيو هوندو؟

¨ بهرحال عدالت جون جيڪي به گهرجون آهن سي اهي ڄاڻين اسان کي رڳو اها خبر آهي ته هڪ عورت سماجي اڳواڻ جنهن سڄي عمر انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ هر قسم جي مافيائن خلاف جدوجهد ڪئي تنهن کي قتل ڪيو ويو.

¨ ظاهر آهي ته پروين رحمان کي ڪنهن ته قتل ڪيو هو پر افسوس ته هن جديد ترقي يافته دور ۾ به پوليس ۽ عدالت قاتلن کي سوگهو ڪري کين عبرتناڪ سزا نه ڏئي سگهي،  اڃا به جيڪي جوابدار پڪڙيا ويا تن کي به باعزت نموني بري ڪيو ويو.

¨  ايئن پروين رحمان جي قتل سان انصاف نه ٿي سگهيو.  جنهن تي اخلاقي طور تي حڪومت، پوليس ۽ عدالت کي پروين رحمان جي آڏو  پنهنجي ناڪامي تي شرمندگي جو اظهار ڪرڻ گهرجي.

¨ عدالت وٽ انصاف جون گهرجون ڪهڙيون آهن سو برابر نج پيشي وراڻو معاملو آهي پر عام تاثر اهو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ ڪنهن به قاتل يا ڏوهاري جا ثبوت ته ملڻ تي اڪثر ڪري  قاتل ۽ ڏوهاري آزاد ٿي ويندا آهن. آخر ايئن ڇو آهي، ڇا اسان جي عدالتي نظام ۾ ئي ڪا کوٽ آهي.  جيڪڏهن آهي ته خود عدالتي نظام کي هر حالت ۾ انصاف جوڳو بڻائڻ جي ضرورت آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هتي بدي جي طاقتن جو نيٽ ورڪ اسانجي حڪومت، پوليس ۽ عدالت کان وڌيڪ سگهارو هجي ٿو. قاتل ۽ ڏوهاري جڏهن ۽ جتي چاهين ڪابه ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿا پر حڪومت وٽ اهڙو نيٽ ورڪ ناهي جو اُها جاءِ واردات تي يا چوويهن ڪلاڪن اندر کين پڪڙي سگهي. خوش قسمتي سان جيڪڏهن سوگها ٿي به ويندا ته ثبوت غائب ٿي ويندا ۽ ثبوت نه هئڻ تي اهي عدالت مان بري به ٿي ويندا آهن. ايئن جوابدار سزا کان بچي ويندا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.