چريو ڪير آھي؟

ڄام صنم سنڌي

سياست جو بھترين اصول آھي ته ھڪ قابل ۽ سٺو اڳوان ڪڏھن به ذاتيات تي ناھي ڳالھائيندو بلڪه سدائين نظريي کي اھميت ڏيندو آھي ھڪ اڳواڻ افڪار ۽ اخلاق جو نمونو ۽ اعليٰ مثال ھوندو آھي ڇو ته لکن ۽ ڪروڙن جي تعداد جي رھنمائي ڪندو آھي جيڪڏھن سندس اخلاق، ڪردار ۽ نظريا نيچ ھوندا ته اھو قوم کي ڇا ڏئي سگھندو؟ اھي سڀ ڳالھيون ھڪ محب وطن ۽ سچي سياستدان جي نشاني ھونديون آھن پر بدقسمتيءَ سان اسان سان مٿيون خوبيون ته ٺھيو پر ڪرسيءَ ڪارڻ حرص، هوس ۽ لالچ سبب ضمير وڪڻي ھوش حواس به وڃائي چڪا آھن جن جي ذھني ڪيفيت جو ڪو به اندازو لڳائڻ ڄڻ ته پان کي ئي مشڪوڪ بڻائڻ جي برابر لڳندو آھي.

ھڪ چريو وڏي عمارت جي ڇت تي چڙھي ويو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو ته ”مان ٽپ ٿو ڏيان“. ماڻھو گڏ ٿي ويا پوليس به پھچي وئي ايمبولينس وغيرو به اچي پھتي پوليس وارن لائوڊ ۾ چيس ”ھيٺ لھي اچ ڪري پوندين“. چريو چوڻ لڳو مان به ھتي راند کيڏڻ ٿورئي آيو آھيان يا ٽپو ڏين آيو آھيان پري ٿيو مان ٽپ ٿو ڏيان، پوليس واري چيس پر ٽپ ڇو ٿو ڏين؟ چرئي چيو مون کي ملڪ جو بادشاھ بنايو نه ته مان ٽپ ٿو ڏيان، پوليس وارا کيس ڪنھن به طرح ھيٺ لاھڻ پيا چاھين سو يڪدم چين ”بادشاھ سلامت ھيٺ اچو عوام اوھانجو منتظر آھي“ عوام به پوليس جو ساٿ ڏيندي کڻي نعرا ھڻڻ شروع ڪيا ته ”اسان جو بادشاھ زنده باد، بادشاھ سلامت زنده باد“ پر چريو وري اڙي ھڻي بيھي رھيو ته ”مان ھيٺ نه ايندس مان ٽپ ٿو ڏيان“ پوليس وارن پريشان ٿيندي پڇيس پر ڇو؟ ھاڻي ته تون بادشاھ به بڻجي ويو آھين پوءِ ڇو ٿو ٽپو ڏين؟ چريي وراڻيو ”جيڪا قوم چرين کي بادشاھ بڻائيندي دير نٿي ڪري مان اھڙن ۾ نٿو رھي سگھان، مان ٽپ ٿو ڏيان“.

ڏک اھو ٿيندو آھي ته اسانجي قوم به ورھين کان اھڙن اڳواڻن جي اڳيان نعرا ھڻندي رھي آھي جيڪي ٽپو ڏيڻ جي لائق آھن جن کي پنھنجي مطلب ۽ مفادن اڳيان ڪجھه به نظر نٿو اچي. عوام سندن لاءِ صرف نعرا ھڻندڙ روبوٽن کان وڌيڪ ڪجهھ به ناھي. مٿي بيان ڪيل تمثيل اسان کي اھو سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته اسين پنھنجي عقل ۽ شعور کان ڪم ڇو نٿا وٺون؟ پنھنجي حقن جي خبر ۽ صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ ڇو نٿا رکون؟ حقيقي ۽ لٻاڙي ليڊر جي پرک ڇو نٿا ڪيون؟ ڇو چرين وانگر ھر ڪنھن تي اکيون ٻوٽي سندن نون نعرن کان متاثر ٿي بادشاھ سلامت زنده باد جا نعرا ھڻڻ لڳي ٿا وڃون؟ جڏھن ته بادشاھ سلامت قوم کي سلامت ڏسڻ جي حق ۾ ئي ناھي ڇو ته کين چرئي عوام جي وسيلن ۽ دولت سان غرض آھي عوام سان نه.

ٿورو غور فڪر ڪيو ته ڪيترا ورھيه ٿيا آھن اسان کي انھيءَ چريائپ ۾ گھاريندي؟ ڇو اسان اڄ تائين ھوش ۾ ناھيون آيا؟ ڇو اسان جا حواس حق کائيندڙن ۽ ڦريندڙن کي سڃاڻي ناھن سگھيا، ڇا انھيءَ موڳائپ ۽ چريائپ سان اسين سمجھوتو ڪري چڪا آھيون ته اسان جا باقي نسل به انھيءَ جي حضوريءَ ۾ نعرا ھڻندي، تاڙيون وڄائيندي ۽ جتيون کڻندي گذاري ڇڏيندا ۽ ملڪ جا اڳواڻ اسان کي کائي کوکلو ڪري آخر ۾ چوندا ته اسان کي چري قوم جو اڳواڻ ناھي ٿيڻو. مان ٽپ ٿو ڏيان يعني ٻاھرئين ملڪ روانو ٿو ٿيان ۽ اسين وات پٽيو ڏسندا ئي رھجي وينداسين. اڄ ڏينھن تائين اسان جي مٿي تي چڙھيل دولت ۽ پئسي اقتدار لاءِ چريا بڻيل اسان تي حڪومت ڪندا آيا آھن ۽ ادارا عوام کان ”بادشاھ سلامت زنده باد“ جا نعرا ھڻي کين پرچائيندا ۽ ريجھائيندا رھيا آھن اسان ادارن ۽ طاقت لاءِ چريو بڻيلن جي وچ ۾ پيسجندا رھيا آھيون ھاڻي پاڻ سوچيو ۽ فيصلو ڪيو ته اسان جي حقن تي ٽپا ڏيندڙ اڳواڻ چريا آھن يا وري وري نعرا ھڻي کين پنھنجو بادشاھ سلامت بڻائيندڙ، اسين چريا آھيون؟؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.