لانڍي ۾ٻارڙيءَ جي قتل بعد 20 شڪي گرفتار

ملير (ڊ ر) لانڍي جي علائقي مسلم آباد ۾ جنسي زيادتي بعد قتل ڪيل 8 ورهين جي ٻارڙي منيبا جي ڪيس ۾ پوليس جي جاچ ٽيم مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 20 کان شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پچا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي. جاچ ٽيم موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، 20 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا آهن.پوليس موجب واردات واري هنڌ جي جيو فينسنگ پڻ ڪرائي وئي آهي، گهر ۾ رهندڙ شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي پڻ ورتي وئي آهي، شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي.پوليس موجب شڪي ماڻهن جو ڪال رڪارڊ به چيڪ ڪيو پيو وڃي، علائقي مان شڪي ماڻهن کي پڪڙي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي، جاچ دوران گهرن جي تلاشي پڻ ورتي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.