پنجاب ۾ ڊي پي او جو سراسري مدو 5 مهينا، پوليس بدلين جو 8 ورهين جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ پوليس ۾ مقررين ۽ بدلين جو 8 ورهين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سياسي مقرريون نظام متاثر ڪن ٿيون، اهڙيون حالتون سياسي اثر رسوخ لاءِ اڀارين ٿيون. سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبن کان بدلين ۽ مقررين جو 8 ورهين جو رڪارڊ گهري ورتو آهي. درخواست گذار چيو ته پوليس آرڊر 2002ع تحت اهلڪارن جي مدي کي تحفظ باوجود هر هر عملدار تبديل ڪيا پيا وڃن. چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۾ چئن سالن ۾ 268 ڊي پي او بدلي ڪيا ويا، ضلعي آفيسر جو سراسري مدو  صرف 5 مهينا آهي. درخواستگذار وڪيل دليل ڏنا ته پوليس آفيسرن جي بدلي سياسي مداخلت ۽ اثر سبب ٿيندا آهن، تازو هڪ عورت ڊي پي او ليه جي بدلي به سياسي مداخلت سان ٿي، اها بدلي مقامي سياستدان جي چرچ تي وڏي وزيرهائوس مان ٿي.پوليس مزاحمت ڪئي پر آخر عورت ڊي پي او ليا چارج ڇڏي ڏنو، پنجاب ۾ آءِ جي پوليس جي سراسري مدت 6 مهينا آهي جيڪا قانون موجب ٽي سال هجڻ گهرجي، چئن سالن ۾ پنجاب پوليس آفيسرن کي ڪارڻ ٻڌائڻ کانسواءِ بدلي ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته پوليس آفيسرن جو بنا سبب بدلي ڪمانڊ ۽ فوجداري نظام انصاف جي ڪرڪردگي تي اثر ٿيندو، انهن حالتن ۾ سياسي اثر وڌائڻ لاءِ وڏا عهدا حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌندو ٿو وڃي.هن چيو ته ڊيٽا موجب پنجاب ۾ ڊي پي او جي سراسري مدت پنج مهينا آهي، چئن سالن ۾ پنجاب ۾ 268 ڊي پي اوز مٽيا آهن. ڇيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻو آءِ جي وڏو پڙهيو لکو ۽ شائستا آفيسر هو، سنڌ هائوس تي حملي جي معاملي تي سٺي انداز ۾ ڊيل ڪيو، هو به تبديل ٿي ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.