نئون آرمي چيف جنرل باجوا جي ميراث جاري نه رکي، ڇا ايجنسين کي جوابده بڻائي سگهبو؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سنيئر صحافي امتياز عالم چيو آهي ته آرمي چيف تمام وڏو اعتراف ڪيو آهي، ادارا سياستدانن کي ذليل خوار ڪندا رهيا، فوج هڪ طرح سان رياست بڻجي وئي، هاڻي ته ميڊيا ۾ رياست جو مطلب فوج ورتو وڃي ٿو ۽ اسٽيبلشمينٽ جو مطلب آرمي چيف ورتو وڃي ٿو.

فوج پاران اداراتي طور جيڪو فيصلو ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي ، توهان هن ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي حڪمراني کي هلڻ نه ڏنو، فوج سڌي يا اڻ سڌي ريت حڪمران رهي آهي، ملڪ جي هر معاملي ۾ شامل رهي، اڄ فوج ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ بزنيس ڪارپوريشن آهي اڄ فوج ملڪ جي سڀ کان وڏي ريئل اسٽيٽ آهي، تعميرات جو ڪم، روڊن جو ڪم هجي، ٽرڪن جو ڪم هجي يا ڪو به ڪم هجي اتي اسان کي فوج نظر اچي ٿي، ايستائين جو اهم ڪارپوريشنز ۾ به فوج ۽ ان جي ريتائرڊ آفيسرن جو حصو صاف نظر اچي ٿو.

جنرل مشرف جي حڪومت وئي ته 2008ع ۾ پارلياماني سياست بحال ٿي ته ان کانپوءِ به فوج جي مداخلت جاري رهي، ميثاق جمهوريت ٿيو، ان بعد هائبرڊ سسٽم وجود ۾ آيو،فوج پسمنظر ۾ رهي سمورا معاملا هلائيندي رهي، جنرل ڪياني ايڪسيٽينشن لاءِ هر طرح جا حربا استعمال ڪيا، ان بعد هن ميموگيٽ جو اسڪينڊل بڻيو، بعد ۾ نوازشريف جو فوج سان ٽڪراءُ ٿيو.

اسان ڏٺو ته فوج رڳو سياست ۾ مداخلت نٿي ڪري، سفارتي ۽ معاشي معاملن ۾ به ٽنگ اڙائي ٿي، ملڪي سلامتي سميت هر طرف فوج جو غلبو نظر اچي ٿو.

هن چيو ته آرمي چيف سياست ۾ مداخلت کان توبهه جي ڳالهه پنهنجي الوداعي خطاب ۾ چئي آهي، جنرل باجوا هڪ طرح سان شرمندا نظر آيو، نوازشريف سان آرمي چيف جنرل باجوا جا اختلاف ٿيا، پوءِ اسان ڏٺو ته ڪيئن ڊان ليڪس آئي، ان کانپوءِ سياستدان خلاف هڪ مهم هلي، عمران خان کي اڳتي آڻڻ ۾ فوج جو وڏو ڪردار رهيو، 2018ع جي اليڪشن ۾ هن لاءِ ماڻهو ٽوڙيا ويا، عمران تڏهن ايترو مقبول نه هو جيترو اڄ آهي.

هن چيو ته  جنرل باجوا پهرين هڪ حڪومت کي ڪيرايو پوءِ عمران کي آندو، هاڻي سياست کان پري رهڻ جون ڳالهيون پيون ٿين، ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو آهي، سياسي غيريقيني آهي اهو سڀ ڪجهه انهن پاليسين جو نتيجو آهي جيڪي جنرل باجوا جوڙيون، کيس اعتراف ڪرڻ گهرجي ها ته هن ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا.

مورخ لکندا ته جنرل باجوا جي ليگيسي هن ملڪ لاءِ ڪيترو خطرناڪ رهي، بلوچستان مسئلي جو حل نه نڪتو، مسنگ پرسنز جو معاملو آهي، نئون آرمي چيف جنرل باجوا جي ليگيسي جاري نه رکي، هن چيو ته سياست ۾ مداخلت جي راهه اختيار نه ڪرڻ گهرجي،آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي جو دائرو طئي ڪرڻ گهرجي، انهن کي جوابده بڻائڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان جي جنرلن جون مراعتون ڪهڙيون آهن، اهي هاڻي ڪروڙين، اربين رپين جون ڳالهيون آهن، احمد نوراني جي رپورٽ ۾ جنرل باجوا جي ساڍا 12 ارب رپين جي اثاثن جو ذڪر آهي مان اهو نٿو چوان ته ايترو پئسو ڪرپشن ذريعي ٺاهيو ويو هوندو پر سوال ته اٿي ٿو.

هن چيو ته اسان جي فوج، عدليه ۽ بيوروڪريسي ۾ اشرافيه بڻجڻ جو جيڪو ڪلچر پروان چڙهيو آهي ان ۾ تبديلي اچڻ گهرجي، پاڪستان ۾ هن وقت فوجي سلامتي جو مسئلو ناهي، معاشي سلامتي، خوراڪ جي تحفظ ۽ ماحوليات جي تبديلي جو مسئلو آهي، ڪجه مافياز کي ٻنجو ڏيڻ کان بغير معاشي بحران ختم نه ٿيندو، اداري کي هاڻي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي انهن جون حدون طئي ڪرڻ گهرجن.

سياستدانن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، ججن ۽ فوج جي آفيسرن، سول ڪامورن جا اثاثا به ظاهر ٿيڻ گهرجن، ڪو به مقدس ڳئون نه هئڻ گهرجي، پ پ، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين کي پنهنجي مفادن لاءِ فوج کي استعمال ڪرڻ جو ڪلچر ختم ڪرڻ گهرجي.

هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 22-11-24 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.