لانگ مارچ تي حملي جو خطرو:حڪومت جو پي ٽي آءِ کي خط

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزارت پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي لانگ مارچ تي دهشتگرديءَ جي امڪاني خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ وفاقي گهرو وزارت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي خط موڪليو، جنهن ۾ ملڪ اندر  دهشتگردي جي تازن واقعن  جو حولو ڏنو ويو.خط ۾ چيو ويو آهي ته انتهاپسند جماعتون پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ  تي دهشتگرد حملو ڪري سگهن ٿيون، حملي ۾ پرڏيهي عنصرن طرفان به ڪارروائي جو انديشو آهي، دهشتگردن طرفان عوامي اجتماعن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو.گهرو وزارت جي خط ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته عومي اجتماعن ۾ آپگهاتي يا بم حملو به ٿي سگهي ٿو، ان ڪري پي ٽي آءِ راولپنڊي ۾ عوامي اجتماع ملتوي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.