ڳڙهي خيرو مان 6 افغان شهري گرفتار، هٿيار هٿ

ڳڙهي خيرو (ن ع آ) ڳڙهي خيرو پوليس سنڌ-بلوچستان دنگ وٽان غير قانوني طور سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ 6 افغان شهرين کي گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيو.پوليس موجب سيف الله ڪئنال تي چيڪنگ دوران 6 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو، جن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب جوابدارن وٽان شهزور گاڏي،  موبائل فون، 26 هزار روڪ ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.پوليس گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.