چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڊي جي ايم ڊي اي 30 نومبر تي عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سيڪٽر 18شاهه لطيف ٿائون اسڪيم 35 ملير ۾ قبضن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس نديم اختر چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي؟ سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري حيدرآباد ۾ مصروف آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايم ڊي اي  30 نومبر تي عدالت ۾ذاتي حيٽيت سان پيش ٿين.عدالت قبضو ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته چيف سيڪريٽري کي اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي هئي پر عدالتي فيصلي تي ڪهڙو عملدرآمد ڪيو ويو.درخواست گذار کي متبادل جگهه يا معاوضو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.