پاڪستان ۽ عالمي انصاف جي نظام ۾ فرق، سڌارو چئلينج آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ بهتري اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، منصوبي ۾ سيڙپڪار بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته ريڪوڊڪ رٿا ذريعي مال جيئن پورٽ تي پهچندو 85 سيڪڙو ادائيگي ٿي ويندي، مال جي باقي پندرنهن سيڪڙو ادائيگي منزل تي پهچڻ بعد مارڪيٽ اگهه ۽ ڪوالٽي موجب ادائيگي ٿيندي. مخدوم علي خان چيو ته جيڪڏهن ريڪوڊڪ منصوبي مان ڪاپر ۽ سون کانسواءِ معدنيات نڪتي ته طريقيڪار معاهدي ۾ لکيل آهي، جيڪڏهن ڪا ناياب معدنيات نڪتي ته حڪومت مارڪيٽ اگهه تي خريد ڪري وٺندي، جيڪڏهن ڪائي اسٽريٽيجڪ معدنيات هٿ آئي ته حڪومت مفت ۾ حاصل ڪري سگهندي. بيرڪ گولڊ جي وڪيل چيو ته مرڪزي روڊن جي اڏاوت ۽ مرمت حڪومت جڏهن ته نو ڪنڊي کان پروجڪيٽ تائين روڊ جي اڏاوت ڪمپني جي ذمي هوندي، روڊ رڳو پروجيڪٽ لاءِ نه اهي پر عام ماڻهو به استعمال ڪري سگهندا. ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبي کي مڪمل شفاف ۽ قانون پٽاندڙ ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن حڪومت ڪائي رعايت ختم ڪري ٿي ته اهو ڳجهي نموني نه پر پبلڪ نوٽيس ذريعي سرعام فيصلو ڪري.  ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي ۾ پنجاهه سيڪڙو شيئرز پاڪستان جا آهن تڪرار سان پاڪستان تي به اثر پوندو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته پاڪستان سرڪار جيڪو ڪري اهو عالمي قانون کي ڌيان ۾ رکي ڪري ٻي صورت ۾ ڪمپني وري عالمي ٽياڪڙي فورم ڏانهن هلي ويندي، پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ عالمي عدالتي نظام ۾ وڏو فرق آهي، پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ بهتري اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.