اڄ نئين آرمي چيف جو اعلان ،4 جنرل فارغ ٿيڻ جو امڪان!

لاهور (سيد عمران شفقت) نئين آرمي چيف جي مقرريءَ  جو اعلان شايد اڄ ٿي وڃي، پر اطلاعن  ۽ نالن بابت افواهن جي بازار گرم آهي. عمران خان آخري ڪارڊ طور صدر  علوي کي استعمال ڪري سمري روڪڻ جي سازش ڪري رهيوآهي. پر ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو ان جي خبر به اڄ پئجي ويندي. ڇو ته عمران خان کي جنرل عاصم منير، جنرل اظهر عباس ۽ جنرل محمد عامر جي نالن تي سخت اعتراض آهي. سينيارٽي  فهرست ۾جيتوڻيڪ 6 نالا آهن. پر هڪ آرمي چيف ۽ ٻيو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽآف ڪميٽي مقرر ٿيڻو آهي. ان ڪري سينيارٽي فهرست موجب پهرين ۽  ڇهين نمبر واري جنرل جي مقرريءَ  بابت افواهه پکڙيل آهن. اطلاع ته اهي به آهن ته پهرين نمبر جنرل تي نه صرف عمران خان پر ملڪ رياض کي به سخت اعتراض  آهي. ملڪ رياض  جا سمورين سياسي پارٽين سان لاڳاپا آهن پر (ن) ليگ سان هن جا لاڳاپا نه آهن. ان ڪري هو اڳوڻي صدر آصف زرداري ذريعي  اثر انداز  ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ اتحادين ۾ صلاح مشورا جاري آهن. جڏهن ته وزيراعظم ڪابينا مان  به نالن جي حتمي منظوري  وٺڻ چاهي ٿو. جڏهن ته آئين موجب اهو اختيار وزيراعظم جو آهي. بحرحال هاڻي اسٽيبلشمينٽ بال  سياستدانن جي عدالت ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. ان ڪري سياسي  ۽ قانوني گهرجون سياسي پارٽين کي پوريون ڪرڻيون آهن. جيڪڏهن ڇهون نمبر ڪنهن عهدي تي آيو ته ٻيا 4  جنرل فارغ ٿي ويندا.

صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي، عمران کي آخري پيغام

لاهور (معظم فخر) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  خطاب دوران باقي ڳالهين سان گڏ عمران خان کي به آخري پيغام ڏنو آهي ته گهڻو برداشت ڪيو آهي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي. نامياري صحافي موجب ان پيغام جو مطلب اهو آهي ته ايندڙ آرمي چيف کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃر،. ڇو ته عمران خان هڪ چينل کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته سمري پهچڻ شرط صدر عارف علوي مون سان مشورو ڪندو پوءِ صحيح  ڪندو. ان ڪري آرمي چيف اهو عمران خان کي پيغام ڏنو ته وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو. ظاهر آهي ته  فوج ڪڏهن  به نه چاهيندي ته سندن نئون سپهه سالار تڪراري بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.