نئون آرمي چيف آئين آڏو جوابده ٿيو ته پاڪستان جا 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا:سياستدان تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي۽ تجزئي نگار عارفه نور چيو آهي ته اڄوڪي تقرير ۾ جنرل قمر جاويد باجود فوج جي موقف کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو آهي، آرمي چيف چيو ته هاڻي فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته پوري تقرير سياسي هئي، هن چيو ته فوج جو سياست ۾ ڪردار رات  پيٽ ۾ ته ختم نٿو ٿي سگهي، جيستائين پاور اسٽرڪچر تبديل نٿو ٿئي ان وقت اهي هدف حاصل نٿا ٿي سگهن، بي بي سي مطابق انگريزي اخبار بزنيس رڪارڊر جي ايڊيٽر انجم ابراهيم چيو ته جنرل باجوا چاهي ٿو ته هن جي نظر ۾ جيڪو غيرتڪراري شخصيت آهي ان کي آرمي چيف بڻايو وڃي ته پوءِ اهي سڀ هدف حاصل ٿي سگهندا، رٽائرمينٽ تي ٿيندڙ تقرير درست تصوير نٿي ڏيکاري سگهي بلڪه ان لاءِ نئين مقرري بعد جيڪو ٿيندو اهو اهميت رکندو، نئون آرمي چيف پنهنجي مرضي جي ٽيم جوڙيندو بعد ۾ خبر پوندي ته آئنده حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون، سينئر صحافي طلعت حسين چيو ته قمر جاويد باجوا پنهنجي 6 سالن ۾ چار ڀرپور سال سياسي مداخلت ۾ گذاريا، هو جنوري تائين سياسي هو ۽ پوءِ فيبروري ۾ غيرسياسي ٿي ويو هو، هاڻي ان دعويٰ جا ثبوت به ڏيڻا پوندا، هن چيو ته فوج کي هاڻي غيرسياسي هئڻ جو عملي مظاهرو ڪرڻو پوندو، ن ليگ سان تعلق رکندڙ سينيٽر افنان الله خان چيو ته 2008ع ۾ اهو اعلان جنرل ڪياني ڪيو هو ته فوج غيرسياسي ٿي وئي آهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي دور جي پڄاڻي تي اها پاليسي هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ٿيندي نظر آئي، هن چيو ته جڏهن ڪاڪول ۾ ڪيڊٽس کي اهو پڙهايو ويندو ته فوج جي سياسي ڪردار جي ڪري ملڪ جو گهڻو نقصان ٿيو آهي ته پوءِ شايد اهڙي مداخلت جو رستو بند ٿي سگهي ، هن چيو ته اها ڳالهه ته تسليم ٿيل آهي ته آر ٽي ايس ويٺو هو، بي اعتمادي رٿ ۾ فوج جو ڪردار نه هو،پ پ پنجاب جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ بي بي سي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 2018ع جون چونڊون ۽ 2022ع جي بي اعتمادي رٿ ٻه الڳ شيون آهن، 2018ع ۾ رڳو آر ٽي ايس ئي نه ويٺو هو بلڪه جهڙي طرح سياسي جماعتن کي ٽوڙيو ويو اها ڪا لڪيل ڳالهه ناهي، جيڪڏهن اهي نيوٽرل آهن ته اسان ان ڳالهه کي مڃون ٿا،هن چيو ته نه هاڻي ان طرح جا فيصلا اچي رهيا آهن نه ان طرح جون فون ڪالز اچي رهيون آهن، هاڻي ته عمران خان به پنهنجي بيانئي کان يوٽرن ورتو آهي.

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير چيو آهي ته فوج جو تمام سٺو فيصلو آهي، جنرل باجوا چيو آهي ته سڀني کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن، سياستدانن پنهنجون غلطيون تسليم ڪن ٿا، ان تقرير ۾ هن ڪجهه غيرضروري ڳالهيون به ڪيون، جنهن ۾  آر ٽي ايس، امپورٽڊ ۽ اليڪٽڊ حڪومت واري ڳالهه شامل آهي، ان جو مطلب آهي ته آر ٽي ايس ويٺو هو، غلطيون تسليم ڪرڻيون آهن ته توهان سياستدانن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا مان رڳو توقع نه ڪريو، توهان کي به پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته آر ٽي ايس جيڪڏهن نه ويٺو هو ته اها غلطي هئي، 2018ع جي اليڪشن ڪئين ٿي؟ سڀني کي خبر آهي،ڪهڙن سياستدانن کي ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو ويو،هن چيو ته نئون آرمي چيف جيڪڏهن پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ته آرمي چيف صدر ۽ وزيراعظم کان وڌيڪ ۽ آئين کان وڌيڪ طاقتور ناهي، آئين کي جوابده آهي ته پاڪستان جا 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا، هن چيو ته  عمران خان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن جي ته توهان ترديد نٿا ڪري سگهو، هن چيو ته 2018ع جي اليڪشن کانپوءِ جڏهن باجوا صاحب آرمي چيف هو تڏهن بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ به انٽيليجنس ايجنسيون عمران خان جي مدد ڪري رهيون هيون، هن چيو ته عمران خان چيو ته جنرل باجوا چاهي پيو ته عثمان بوزدار کي هٽائي عليم خان کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو وڃي، ويندي ويندي باجوا صاحب ان جي به وضاحت ڪري ها ته سٺو ٿئي ها،عمران خان هاڻي فوج سان ٽڪراءُ نٿو چاهي، اينڪر شاهزيب خانزاده چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ آرمي چيف سياست کان پري رکندو، فوج 70 سالن کان هن ملڪ جي سياست ۾ جيڪا مداخلت ڪئي ان سان ته ملڪ جو وڏو نقصان ٿي چڪو آهي، ڊان ليڪس ٿيو وزيراعظم ۽ سندس ڌيءُ کي جيل ۾ وڌو ويو، بلوچستان جي حڪومت ڪيرائي وئي، سينيٽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، ميڊيا کي مئنيج ڪيو ويو، 5 سالن ۾ ملڪ هيٺ ويو آهي، سياسي پارٽين کي فوج جي ان فيصلي جي آجيان ڪرڻ گهرجي، فوج جي غلطين سبب ملڪي معيشت تباهه ٿي،  سينئر صحافي انصار عباسي چيو ته آرمي چيف عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ تي حملي جو جواب ڏنو، فوج جو مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو سٺو آهي پر ڇا اها اسان جي خوش فهمي آهي، 2018ع جي اليڪشن سياسي انجنيئرنگ هئي، نئين آرمي چيف ۽ هن کانپوءِ ايندڙ جي اها ذميواري آهي ته اسٽيبلشمينٽ غلطين کي نه ورجائي، سياستدانن جي به ذميواري آهي ته انهن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي، انهن کي ڊليور ڪرڻو آهي، اهي نه سمجهن ته کين هي ملڪ ٺيڪي تي مليو آهي، جيڪڏهن سياستدانن ڊليور نه ڪيو ته پوءِ هرڪو فوج ڏانهن ڏسندو، اسان جي عدليه ٺيڪ هجي ها ته ماضي ۾ اسان جيڪي سڌي ۽ اڻ سڌي مداخلت ڏٺي هئي اها نه ٿئي ها،سينئر صحافي اويس توحيد چيو ته 2018ع، سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۽ ٻين معاملن ۾ فوج جي مداخلت جو اعتراف ڪيو ويو، آرمي چيف جي تقرير جي آجيان ڪرڻ گهرجي، عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پاڪ فوج جي جنرلن جي ڪردار تي سنگين الزام هنيا، جنرل باجوا ڍاڪا سانحي تي فوج جي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪيو، اهو بيان وڌيڪ تڪرار پيدا ڪندو، فوج جي اڳوڻن آفيسرن اعتراف ڪيو آهي ته بنگلاديش اسٽيبلشمينٽ جي غلطين سبب بڻيو، سينئر صحافي نسيم زهره چيو ته آرمي چيف پهريون ڀيرو 71ع جي ڳالهه ناهي ڪئي، تڏهن به معاملا فوج جي هٿن ۾ هئا، جنرل باجوا تمام گهڻيون غيرمعمولي ڳالهيون ڪيون، هن رڪارڊ تي چيو ته اسان نوازشريف کي ڪڍي غلطي ڪئي، هن تاريخ رقم ڪئي، نوازشريف کي ڪڍڻ ۾ ادارن رول ادا ڪيو، ڇا عمران خان وزيراعظم ٿي پئي سگهيو؟ جنرل باجوا سدائين هڪ تڪراري جنرل طور ياد رهندو، هاڻي سڀ ڳالهيون ظاهر ٿي پيون آهن، تجزئي نگار مشرف زيدي چيو ته جنرل باجوا ڊاڪٽرائن دوران سينئر صحافين سان 8،8 ڪلاڪن، 5 ڪلاڪن جا سيشن ٿيندا هئا، ملڪ ۾ حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو سنگين بحران آهي، ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن، اسان ٽن مهينن کان رڳو هڪ مقرري جي بحث ۾ ڦاٿل آهيون، معيشت هن وقت هيٺ وڃي رهي آهي،صحافي ۽ اينڪر عادل شاهزيب چيو ته غلطيون سياستدانن کان وڌيڪ فوج کان ٿيون آهن، ڍاڪا سانحي تي تاريخ واضح آهي، ان لاءِ ڪنهن وضاحت جي ضرورت ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.