گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جبري گم ڪيل ماڻهن جي گهر وارن کي معاوضو ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته عدالتي حڪم  بعد سنڌ حڪومت گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ادا ڪري ڇڏيو آھي.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ذيشان ايڌي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي، وڏي وزير جي منظوري بعد 10 ڄڻن جي وارثن کي معاوضو ڏنو آهي. سرڪاري وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته بئنڪ اڪائونٽس جي تصديق کان پوءِ وڌيڪ ٻن ماڻهن جي گهر وارن کي معاوضو ڏنو ويندو. عدالت پوليس کي گم ڪيل ماڻهن جي ڳولا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي گم ڪيل 5 ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پوليس رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ياسين، ڌني بخش ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن،جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس جاري آهن، پريڊي جي علائقي مان گم ڪيل فهيم بلوچ واپس اچي چڪو آهي.عدالت فهيم بلوچ جي باريابي جي حوالي سان درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت نيو ڪراچي جي گم ڪيل شهري جنيد احمد جي درخواست جي پيروي نه ڪرڻ تي خارج ڪئي ڇڏي. عدالت 6 هفتن تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ڊي جي نادرا کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف  تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پيءُ ۽ ٻن پٽن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ٿيڻ تي ڊي جي نادرا، ڊائريڪٽر آپريشن ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نادرا عملدارن کي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران درخواست گذار محمد حفيظ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن جو اصيل 80 واري ڏهاڪي ۾ بنگلاديش مان پاڪستان لڏي آيو.1989ع ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري به ٿيو، 2015 ۾ مُدو پورو ٿيڻ بعد ڪارڊ جاري نه پيا ڪيا وڃن.درخواست گذار 1996ع ۾ پاڪستاني عورت رضوانه پروين سان شادي ڪئي، جنهن مان ٻه پٽ مصظفي ۽ مرتضي آهن، سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري مالي ۽ معاشي مشڪلات آهن. عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عادل پور جو واپاري مبينا اغوا، وارثن تصديق ڪري ڇڏي

عادل پور (رپورٽ:جهانگير ابڙو) عادل پور جو واپاري اسلم ڪلوڙ مبينا اغوا ٿي ويو، وارثن اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.ڳوٺ ڀورڙا ڪلوڙ واسي واپاري اسلم ڪلوڙ جي وارثن حد جي ٿاڻي تي اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي. مغوي واپاري جي ماءُ  ملوڪان ڪلوڙ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسلم ڪلوڙ کي چنگلاڻي کان ڳوٺ طرف ايندي رستي تان اغوا ڪيو ويو، 5 ڏينهن کان سندس موبائل نمبر بند آهي، فوري طور بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.