ميرپورخاص لڳ زمين جي تڪرار تان فائرنگ،ڪائونسلر مارجي ويو

ميرپورخاص (رپورٽ:صالح اوٺو) ميرپورخاص جي لغاري پمپ لڳ ڳوٺ علڻ لغاري ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾تڪرار ڀڙڪي پيو.هڪ ڌر جي هٿياربندن عدالتي حاضري تان موٽندڙ ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪري ڏني،نتيجي ۾ يوسي ڪائونسلر 45 ورهين جو غلام محمد لغاري ۽ سندس ڀاءُ غلام قادر لغاري زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال نيو ويو، جتي ڪائونسلر غلام محمد لغاري زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته غلام قادر لغاري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪائونسلر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.ٻئي پاسي ڪائونسلر جي قتل کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.هوڏانهن قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪائونسلر جي وارثن محمد خان لغاري، الله بچايو لغاري ۽ ٻين چيو ته  اسان جي  خانداني زمين تي ڪجهھ  شرپسندن روينيو شجاع آباد جي عملي سان ملي ڀڳت ڪري قبضي جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي ۽ پوءِ معاملو ڪورٽ ۾ ويو، جتي عدالت رڪارڊ جي آڌار تي مخالفن جي مالڪي واري دعويٰ کي رد ڪندي اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو. هنن چيو ته مڇريل بااثرن صبح جو ڳوٺ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائرنگ ڪري رستا روڪ ڪئي جنهن بعد مک روڊ تي تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن فائرنگ ڪري ڀاءُ سان گڏ عدالت مان موٽندڙ غلام حيدر کي قتل ڪري ڇڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.