آصف – شجاعت ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آبد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري  ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي.وفاقي راڄڌاني ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اهم ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون.ان موقعي تي چوڌري سالڪ به موجود هو.

آرمي چيف سمري مفاهمت ۾ آصف زرداري جو اهم ڪردار

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي حڪومتي وزير اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته سمري معمول موجب هلي آهي، جڏهن ته ذريعا ان جي ابتڙ ٿا چون.هڪ صحافي جي دعويٰ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس ان ڪري ئي گهرايو هو ته جيئن سمري نه ملڻ باوجود پنهنجي مرضي سان ڪنهن کي به آرمي چيف نامزد ڪري ڇڏي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ ملاقات دوران شهباز شريف کي چيو هو ته توهان ملڪ واپس ويندي ئي فوري طور تي آرمي چيف جي سمري گهرايو ۽ آرمي چيف نامزد ڪري ڇڏيو ته جيئن معاملي ۾ وڌيڪ رولڙو نه ٿئي ۽ ملڪ معمول موجب هلي.پر پروگرام موجب جڏهن وزيراعظم واپس آيو ۽ سمري طلب ڪيائين ته کيس ٻڌايو ويو 18 تاريخ تي ليفٽيننٽ جنرل فهيم اشرف ڀٽي رٽائر ٿيندو، ان کانپوءِ سمري موڪلينداسين پر پوءِ به سمري نه موڪلي وئي، جنهن سبب شڪ شبها پيدا ٿيا ۽ ان دوران مسلسل اسٽيبلشمينٽ سان مسلسل ڳالهيون ٿينديون رهيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن معاملا درست نه ٿيا ۽ وزيراعظم ڪابينا اجلاس گهرايو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪورونا ۾ مبتلا ويراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو.ذريعن موجب آصف زرداري معاملي کي سٺي نموني طئي ڪرڻ لاءِ اڳتي آيو ۽ جيڪا ٽڪراءَ واري امڪاني صورتحال هئي، ان کان بچڻ لاءِ پنهنجو جادوئي مفاهمتي فارمولا استعمال ڪيو ۽ ڌرين کي هڪ نڪتي تي آڻڻ ۾ ڪامياب رهيو، ائين سمري رات دير سان وزيراعظم هائوس کي وصول ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.