ڪورنگيءَ ۾اٽو ڦر ڪوشش، فائرنگ ۾ 2 هٿياربند مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي  ڪورنگيءَ ۾سستو اٽو وڪرو ڪرڻ واري ٽرڪ ڦر دوران 2 مبينا ڏوهاري اسسٽنٽ ڪمشنر جي گن مين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.انڊسٽريل ايريا ۾اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي جي گن مين اسٽريٽ ڪرائم جي واردات ناڪام بڻائي ڇڏي، گن مين جي فائرنگ سبب 2 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا فرار ٿي ويا.عوامي ڪالوني پوليس موجب اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي مونس احمد جي آفيس جي گيٽ ٻاهران هڪ سستو اٽو  وڪرو ڪندڙ ٽرڪ موجود هئي، 4 ڦورن  ٽرڪ تي چڙهي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي ته آفيس ۾ موجود گن مين ڦورن تي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو جڏهن ته 2 ڄڻس فرار ٿي ويا.پوليس موجب زخمي ڦورو کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن به رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويل هڪ ڦورو جي سڃاڻپ سعيد احمد جي نالي سان ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.