پوليس برادرين ۾خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي، جوهيءَ ۾ شهرين جو احتجاج

جوهي (ن ع آ) جوهي جي مختلف سياسي، سماجي ۽ مذھبي جماعتن ٽي ايل پي، ايس يو پي، جسقم، سول سوسائٽي پاران شھيد مخدوم بلال پارڪ کان هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي خير محمد چانڊيو، غلام مصطفي چانڊيو، غلام مصطفي رضوي، ڪامريڊ غلام قادر لغاري، خادم باهوٽو، عبدالله کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي ناڪي تي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن سندن گڏيل خطاب ۾ الزام هنيو ته جوهي پوليس امن جو ڪردار نڀائڻ بدران برادرين ۾ نفرت پئدا ڪرائي خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي. جوهي ۽ دادو پوليس بناجواز جي ڪوڙا الزام هڻندڙ جوابدارن جي ملندڙ ڳري رشوت سبب گهرن تي چڙھائيو ڪري ٻارن تي تشدد ۽ 70 ورهين جي پيرسن خير محمد چانڊيو ۽ غلام مصطي چانڊيو کي گرفتار ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر جي بااثر ماڻھن زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي. ضلعي دادو سميت ٻين ضلعن ۾ اسان خلاف ڪوڙيون درخواستون ڏئي ڪيس ڪرائي رهيا آهن ۽ اسان جي پوليس هٿان تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي. آخر ۾ ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته پيرسن خير محمد چانڊيو ۽ غلام مصطفي چانڊيو خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ پوليس گردي ڪندڙ عملي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.