روس ۽ ڪيوبا جي صدرن وچ ۾ ملاقات، ٻه طرفا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار

ماسڪو (اي پي پي) روس ۽ ڪيوبا ٻه طرفه لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ڪيوبا جي صدر ميگوئل ڊيازڪينيل برموڊيز ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ واري عزم جو اظهار ڪيو آهي. ولاديمير پيوٽن سرڪاري دوري تي روس ۾ آهي، جتي هن ڪيوبا جي صدر سان ملاقات دوران چيو آهي ته سوويت يونين ۽ روس هميشه ڪيوبا جي عوام جي آزادي ۽ خودمختياري واري جدوجهد ۾ حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان هميشه ڪنهن به قسم جي پابندين، ۽ ناڪه بندين جهڙن قدمن جي مخالفت ڪئي آهي ۽ هميشه عالمي پليٽ فارم تي ڪيوبا جي حمايت ڪئي آهي. ڪيوبا جي صدر چيو ته هن جو ملڪ دنيا کي سوڙهو بڻائڻ وارين روس جي ڪوششن ۽ ڪردار جي تعريف ڪري ٿو ۽ روس سان لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ کي جاري رکڻ چاهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.