ڄامشوري ويجهو گهر تي بااثرن جي ڪاھه، 16 ورهين جي ناري اغوا، احتجاج

ڄامشورو (ڊ ر) ڄامشوري ۾ پيٽارو ڀرسان ڳوٺ ٻاسورو ۾ بااثر ماڻهن پاران خانگي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پورهيت محمد علي ماڇي جي گهر تي مبينا طور ڪاھه ڪري گهر ۾ موجود عورتن ۽ معصوم  ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد سندس 16 ورهين جي نياڻي شبنم ماڇي کي اغوا ڪري ويا. اهڙي واقعي خلاف اغوا ڄاڻايل ناري جي امڙ مسمات گڏي ڌيءَ اغوا ٿيڻ جي صدمي ۾ بيحالي واري حالت ۾ ڀيڻ شبانا ۽ ڀاڻج عبدالحميد ماڇي سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته پنج ڏينهن اڳ منهنجي مڙس جي غيرموجودگي ۾ مائٽن شبير ماڇي، گلزار ماڇي، حاڪم ماڇي ۽ ٻيا ناجائزي ڪندي هٿيارن جي زور تي گهر اندر داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻاڻو ۽ اسان مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد منهنجي 16 ورهين نياڻي شبنم ماڇي کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اهي ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ته تنهنجي ٻي ڌي کي به اغوا ڪري وينداسين. هن چيو ته بااثرن جي اهڙي ناجائزي بعد ڄامشورو ٿاڻي ۽ حد جي پوليس پوسٽ تي پڻ پهچي انصاف لاءِ دانهيو آهي پر پوليس بااثرن جي وانگاري هئڻ سبب 5 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، نتيجي ۾ جوابدار ڌر اسان کي خاموش ڪرڻ لاءِ ٻيهر گهر مٿان فائرنگ ڪئي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي  سندس نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.