لعلورائنڪ ۾پورهيت جو آپگهات، زال جو بااثر تي ڏاڍائي جو الزام، احتجاج

لعلورائنڪ (رپورٽ: بدرالدين مغيري) لعلورائنڪ ۾خودڪشي پورهيت جي زال بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي خاصخيلي  پاڙي واسڻ ناهيد خاتون ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته برادري جو بااثر مير محمد عرف ميرل ٿهيم ڪيتري عرصي کان ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ زور ڀريندو هيو، جنهن جي دانهن مون پنهنجي مڙس ۽ برادري وارن کي پڻ ڏني هئي. ڪالهھ هن چورن وانگر گهر ۾ گهڙي پسٽل ڏيکاري زبردستي جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي پاڙي  وارا نڪري آيا، بااثر پاڙي وارن کي ڏسي  ڀڄي ويو. مڙس سيلر جي ڪم تي ويل هيو. جڏهن هن کي ان معاملي جي خبر پئي ته پريشان ٿي ويو. مڙس ذھني دٻاءُ  برداشت نه ڪري سگهيو ۽ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. هن چيو ته مڙس پورهيت ۽ سادي طبعيت جو ماڻھو هيو، اسان کي حراسان ڪندڙ ميرل بااثر آھي، هوڏانهن فوتي جي امڙ چيو ته ڪالھه اوچتو منهنجي پٽ جي گهران منهنجي ننهن جي رڙين جا آواز آيا جنهن بعد اسان جيئن ئي اتي پهتاسين ته ميرل گهٽي مان پسٽل سوڌو فرار ٿي ويو. مسڪين پٽ جي خودڪشي جو ذميوار ميرل آھي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.