پني عاقل لڳ جهيڙي ۾ ڌڪو لڳڻ سبب عورت فوت

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل جي مصطفائي ڪالوني ۾ گھر اندر مبينا جھيڙي دوران عورت فوت ٿي وئي آھي ، پنوعاقل جي مصطفائي ڪالوني ۾ مبينا طور جھيڙي دوران 45 ورھين جي عورت زرينه جلالي فوت ٿي وئي آھي جنھن جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو ، جتي فوتي عورت جي وارثن موجب گھر اندر جھيڙي دوران ڌڪو لڳڻ سبب عورت زرينه فوت ٿي وئي، جڏھن ته اسپتال ۾ بغير ڪنھن قانوني ڪاروائي يا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي وارث لاش گھر کڻائي ويا آھن ، جڏھن ته تعلقي اسپتال پنوعاقل جي ڊاڪٽرن موجب فوتي عورت جي وارثن طرفان بغير پوسٽ مارٽم جي لاش کڻائي ويا آھن جنھن ڪري موت جو ڪارڻ واضح نه ٿي سگھي آھي ، جڏھن ته ٻي پاسي پنوعاقل پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن ڪا به قانوني ڪارروائي ناھي ڪرائي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.