سعودي عرب: مڇي جي پيداوار ۾ هلندڙ مالي سال دوران چئوڻ تي اضافو

جده (اي پي پي) سعودي عرب: مڇي جي پيداوار ۾ هلندڙ مالي سال دوران چئوڻ تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزير عبدالرحمان  الفضلي چيو ته سعودي عرب ۾ هلندڙ مالي سال دوران مڇي جي پيداوار ۾ چئوڻ تي اضافي سان پيداوار 32 هزار ٽن ٿي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ماهيگيري جا 235 منصوبا آهن جڏهن ته ڇهه سال پهرين 2016ع ۾ 67 منصوبا هئا. هن چيو ته حڪومت فش فارمنگ کي ترقي ڏيڻ جي خواهشمند آهي.واضح رهي ته سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت هلندڙ سال جي شروع ۾ اعلان ڪيو هو ته سعودي عرب معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ غذائي تحفظ لاءِ پنهنجن وڏن هدفن جي حصي جي طور تي ماهيگيري لاءِ هڪ علائقائي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.