ٽنڊو آدم ڏوهارين جو مرڪز بڻيل، ڏينهن ۾ڦر ۽ چوري جا 3 واقعا

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊي آدم بي سيڪشن ٿاڻي جي حد وارو علائقو ڏوهاري سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھي ۔  گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڌاڙي، ڦر۽  چوري جا 3 واقعا پيش آيا آھن ۔ راڻا ٽائون ۾ بيضن جي هول سيلر سليم ملڪ جي گهر ۾ 3 هٿياربند داخل ٿي گهرڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 5 لک رپيا نقد ، ٻن تولن جا سونا زيور ۽ هڪ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڊوگر ننگر ۾ 2 هٿياربند نعيم راجپوت کان هٿيارن جي زور تي هڪ 125 موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٽئين واقعي ۾ لانڍي روڊ تي ميمڻ رستي تي واقع زميندار عمر ميمڻ جي 5 ڪمرن واري اوطاق ۽ ورانڊي جون ڇتيون ٽوڙي 15 گارڊر ، ڪيترائي ٽيئر ، ڇت واريون سرون ڊاٽس ۾ وجهي کڻي فرار ٿي ويا چوري جي ماليت 15 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.