ماٿيلي لڳ چار ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل پورهيت فوت

ميرپورماٿيلو (ن ع آ  ) چار ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي پورهيت  فوت ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ نورمحمد جلباڻي جو رهواسي رمضان جلباڻي چار ڏينهن  جروار شھر ۾ پنهنجو دوڪان بند ڪري واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته پويان تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب  هو سخت زخمي ٿي پيو هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ فوت ٿي ويو آهي  هوڏانهن فوتي ڳوٺاڻي رمضان جلباڻي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻي پاسي وري جروار پوليس موٽرسائيڪل هلائيندڙ نوجوان راشد ملڪ کي گرفتار ڪرڻ بعد ڏيتي ليتي تي آزاد ڪري ڇڏيو هو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.