ڀرياسٽي ۾ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو

ڀرياسٽي   ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ڀرياروڊ لنڪ روڊ روھڙي ڪئنال پل تي سوين ڳوٺاڻن جو ھدايت الله سولنگي، طارق سولنگي، اي ڊي جلباڻي، فدا جلباڻي، اياز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي  30 کان  مٿي ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ته  لنڪ روڊ مڪمل طور بند ٿي وئي  ۽ سوين گاڏيون جون لائينون لڳلي ويون، جڏھن ته ڌرڻي ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن کي پوليس يقين ڏياريو ته پاڻي جي لنگھه لاءِ ٺاھيل سرڪاري موري بند رھنديون ۽ پوليس پيڪٽ قائم ڪئي ويندي، ياد رھي ته پويان کان ايندڙ برساتي پاڻي سبب ڳوٺ درياخان جلباڻي جا گھر ٻڌي رھيا ھئا ته گذريل ڏينھن ڳوٺاڻن پاڻي کي سرڪاري لنگھه جي موري کي کولي ڇڏيو ھو، جنھن سبب برساتي پاڻي اڳتي وارن مختلف ڳوٺڻ ۾ ڪاھي پيو ھو ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال کان پوءِ ساڳي موري کي ٻيھر بند ڪيو ويو ھو، جنھن بعد مختلف ڳوٺن ۾ اچڻ سبب ڳوٺاڻن موري کي بند ڪرائڻ لاءِ ڌرڻو ھنيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.