ملير ۾ بااثرن اهلڪارن کي چماٽون هڻي منشيات فروش ڇڏرائي ورتو

کوکراپار(ن ع آ) درساڻو ڇنو ۾ منشيات فروشن جو پوليس تي حملو، پٿراءُ، چماٽون هڻي تشدد، موٽرسائيڪل ٽٽي پيو، حملو ڪندڙن گرفتار ڪيل منشيات فروش پوليس کان ڇڏائي ورتو، فرار منشيات فروش سميت 8 ڄڻن تي ڪيس داخل،   تفصيل موجب: ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي درساڻو ڇنو ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي احمد دائود اسڪول وٽ هڪ مبينا منشيات فروش ساجد عرف منڊو (لنگڙو) کي گرفتار ڪري ورتو، ڪارروائي دوران اتي موجود ماڻهن پوليس جو گهيراءُ ڪري گرفتار مبينا منشيات فروش کي ڇڏائي ورتو، اهڙي واقعي کانپوءِ ميمڻ ڳوٺ پوليس منظور ولد انور، بادشاهه ولد تاج محمد، عجب ولد تاج محمد، رضا علي ولد رزاق، اجمل ولد نامعلوم سميت 8 ڄڻن تي 147/148/149/186/224/225/427 جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب درساڻو ڇنو ۾ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته ساجد عرف منڊو منشيات وڪرو ڪري رهيو هو جنهن کي گرفتار ڪيو ته منظور ولد انور، بادشاهه ولد تاج محمد، عجب ولد تاج محمد، رضا علي ولد رزاق، اجمل ولد نامعلوم سميت 8 ڄڻن پوليس تي حملو ڪري پٿراءُ شروع ڪيو موٽرسائيڪل جون لائيٽون ٽوڙي ڇڏيون ۽ زبردستي گرفتار ڪيل منشيات فروش کي ڇڏائي ويا جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.