مٽياري مسئلن جي ور چڙهيل آهي، وفاق نٿو ٻڌي

اڏيرولعل وليج (رپورٽ :معشوق علي قمبراڻي)  پ پ جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊنيٽر سيد ممتاز علي شاھ جي  رهائش  گاه اڏيرولعل  وليج تي اهم پريس ڪانفرنس. ان موقعي تي ميزبان سيد ممتاز علي شاھ ۽ ٻين طرفان مخدوم جميل الزمان کي اجرڪن ۽ لونگين جا طحفه پيش ڪيا.جڏهن ته مخدوم جميل الزمان صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هوندي به مٽياري ضلعو ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي وفاق اسان جي ڪا به نٿو ٻڌي مٽياري تعلقي جي چئن يونين ڪائونسلن ۾ اڃان تائين پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾ مخدوم جميل الزمان چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وزير اعظم شهباز شريف مٽياري ضلعي ۾ اچي ۽ هتي جي صورتحال ڏسي ۽ اسان کي وفاق طرفان مدد ڪري. مخدوم صاحب چيو ته بلدياتي چونڊو پندرهن جنوري تي ئي ٿيڻ گهرجن جيئن ته بلدياتي چونڊن ۾ بنا مقابلي چونڊيل اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اڃان به مٽياري ضلعي ۾ پ پ پ جا بيٺل اميدوار ئي ڪاميابي ماڻيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.