خيرپور ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب گهر ڌڻي زخمي، اسپتال داخل

خيرپور ( س ر ) خيرپور شهر جي ڳٿيل آباديءَ واري علائقي  سوڪ سينٽر جي ڇوٿين فلور تي رهائش ڪندڙ شهرين ضمير جوکيو جي گهر  ۾ گذريل رات اوچتو گئس سلينڊر فاٽڻ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي ضمير حسين سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي شهرين فوري طور سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، هن سلسلي ۾ زخمي ٿيل ضمير حسين جوکيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرم پاڻي ۾ لڳل گئس سلنڊر اچتو ڦاٽڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي، ڊاڪٽر موجب زخمي شهري جو 30 سيڪڙو جسم سڙي زخمي ٿيو آهي، جنهن جو علاج ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.