ميهڙ: سنڌي ٻٽڙا گرلس اسڪول مان چوري، احتجاج

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا گرلس اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف ٻئي ڏينھن به سنڌي ٻٽڙا لوئر سيڪنڊري اسڪول جي  استادن شاگردن، شاگردياڻين اسڪول جي ھيڊ ماستر عجيب الله قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ اسڪول گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو به افسوس جو تعليمي ادارن کي ٽارگيٽ ڪري چوريون ڪرايون پيون وڃن. ھنن گھر ڪئي ته ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.