اوٻاوڙ لڳ پوليس مقابلو، فائرنگ اهلڪار زخمي

اوٻاوڙو  ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ڀرسان سونڻ شاخ ريتي لنڪ روڊ وٽ ڏھرڪي کان ڦر جي واردات ڪري اوٻاوڙو طرف ايندڙ ڏھارين جي اطلاع تي ايگل گشت تي پوليس اھلڪارن موٽر سائيڪل سوار ڏوهارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايگل گشت پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران گوليون لڳڻ سبب ھڪ پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ سخت زخمي ٿي پيو ۽ ھڪ ڏوھاري زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن زخمي پوليس اھلڪار کي  تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي ان موقعي تي تعلقه اسپتال ۾ موجود ساٿي پوليس اهلڪار اختر رند ٻڌايو ته اسان ڊيوٽي تي هيا سين اطلاع مليو ته ڏهرڪي کان ڦورو موٽر سائيڪل ڦر ڪري اوٻاوڙو طرف اچن ٿا جنهن تي موٽر سائيڪل سوار ڏوھارين کي اسان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني جتي ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ ساٿي پوليس اهلڪار عبدالرزاق کي گوليو پوليس ڏوھارين جي موٽر سائيڪل به ھٿ ڪري ورتي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.