لاڙڪاڻو: 11 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۾ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن 11 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 8 سالن جو صابر، 10 سالن جو  عنايت، 50 سالن جو احمد علي سيال، 45 سالن جي شبيران خاتون ۽ ٻين کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شير محمد مائري ۾ رولو ڪتن حملو ڪري ٻني ۾ ويٺل 20 سالن جي نوجوان نويد ڪلهوڙو کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن کڻائي ويڪسين سينٽر آندو جتي ڊاڪٽرن کيس ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏنو. ان موقعي تي ڪتي ڏاڙهيل نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان زمين تي ويٺا هئا سين ته رولو ڪتن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪتن جو آزار آهي ڪتا مهم شروع ڪري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.