لالچي پيءٌ جي ظلم کان بچايو، ڏوڪري ۾ ناري جو احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ) گذريل ڏينهن پريس ڪلب ڏوڪري ۾ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته انيلا سرگاڻي چيو ته منهنجو پيءُ محرم علي سرگاڻي پئسن جي لالچ ۾ اچي مونکي پنهنجي مڙس عارف علي سرگاڻي کان ڌار ڪرڻ لاءِ منهنجي مڙس، منهنجي سهري ۽ سندس ٻين رشتيدارن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مان پنهنجي مڙس عارف علي سرگاڻي سان خوشگوار زندگي گذاري رهي آهيان ۽ مونکي ان مان هڪ پٽ جي اولاد آهي، جڏهن ته منهنجي پيءُ ٽن لکن عيوض منهنجي شادي ٽي سال اڳ ڳوٺ ٻٽڙا لڳ ڪاراڻي واسي عارف علي سرگاڻي سان ڪرائي هئي جتي مان پنهنجي مڙس سان گڏ آهيان، گذريل عيد تي مان پنهنجي پيءُ جي گهر ويس ته بابا محرم علي سرگاڻي مون کي مارڪٽ ڪري پاڻ وٽ يرغمال بڻائي ورتو ۽ منهنجي مڙس کان وڌيڪ ٻه لک رپين جي گهر ڪئي، مان پنهنجي پيءُ کي قرآن شريف ڏئي ۽ ايلاز منٿون ڪري پنهنجي مڙس وٽ واپس آيس ۽ پٽ سميت پنهنجي مڙس سان زندگي گذاري رهي آهيان، مان ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي ڏوڪري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿي ڪريان ته خدارا ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي مون سان ۽ منهنجي مڙس سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.