پير ڳوٺ لڳ دڪان کي کاٽ، لکين رپين جو سامان چوري، ٽائر ساڙي ڌرڻو

پير ڳوٺ /احمدپور ( نمائندن وٽان ) احمدپور لڳ جيها مسجد اسٽاپ تي قائم صدام سيال جي ڪرياني جي دڪان جي ڇت ڀڃي نامعلوم چور دڪان مان ٻه لک رپين جي ماليت جو ڪرياني جو سامان اٽو گيھ چانور  کنڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا دڪان مان ٿيل  چوري ۽ وڌندڙ بدامني خلاف اسٽاپ جي دڪاندارن پاران پنهنجا ڪاروبار بند ڪري احمدپور پيرجوڳوٺ لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻندڙن جي اڳواڻي صدام سيال رفيق سيال سرور کنڊ عبدالله شر ساجن خاصخيلي ضمير ابڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا احتجاج ڪندڙ دڪاندارن جو چوڻ هو جيها مسجد ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڪجهه عرصي کان بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي پنج مهينا اڳ به نامعلوم چور ساڳي دڪان مان لکين رپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا هي ٻيو واقعو پيش آيو آهي پر تنهن باوجود احمدپور ٿاڻي جي پوليس ڏوهي وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي جنهن ڪري چورين جا واقعا وڌي ويا آهن ٻئي طرف ڌرڻي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ ايس ايڇ او احمدپور ڌرڻي واري هنڌ پهچي دڪاندارن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جي مهلت وٺي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.