لاڙڪاڻو: گرين بيلٽ ۽ روڊ جي ٻنهي پاسي حددخلين خلاف ڪارروائي

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين جي اڳواڻيءَ ۾ مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال ۽ اينٽي انڪروچمينت فورس جي آفيسر معظم علي عباسي طرفان پراونشل هاءِ وي جي عملدارن ۽ ميونسپل عملي سان گڏجي شهر جي سچل ڪالوني روڊ تي ميونسپل ڪارپوريشن  جي الاٽ ٿيل گرين بيلٽ ۽ روڊ جي ٻنهي پاسي حددخلين خلاف هيوي مشينري ذريعي ڪاروائي ڪئي، جتي عملي غيرقانوني ٺهيل لان جي بائونڊري، ڀتين ۽ ٻي اڏاوت کي ڊاهي پٽ ڪرڻ سان گڏ لڳل وڻ ۽ ٻوٽا هٽائي ڇڏيا. ڪارروائيءَ دوران اسسٽنٽ ڪمشنر رهواسين کي هدايت ڪئي ته حددخلين کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين چيو ته سچل ڪالوني ڊبل روڊ کي وسيع ڪري خوبصورت بڻايو پيو وڃي، جنهن جو ڪم سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي پراونشل هاءِ وي کاتي طرفان هلندڙ آهي. مستقبل ۾ حددخليون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.