مانجھند: تعلقي اسپتال ۾ علاج نھ ٿيڻ سبب نينگر فوت

مانجھند (ن ع آ) مانجھند تعلقي اسپتال ۾ گذريل ڏينھن 3 ورھين جي ٻارڙي علي حيدر پٽ گلشير حاجاڻو کي ترت علاج نھ ٿيڻ سبب وارث دير تائين انتطار ڪيو پر انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رات دير سان سيوھڻ اسپتال وڃي رھيا ھئا تھ رستي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو. جنھن تي ساڻس گڏ سندسن امڙ موقعي تي بي ھوش ٿي وئي، جڏھن ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. فوتي ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته گذريل ڏينھن مانجھند اسپتال ۾ اڌ رنگ جي جھٽڪن جي تڪليف سبب کڻائي آياسين پر ڊاڪٽرن ۽  عملي طرفان ڪوبه توجھه نه ڏنو ويو، جنھن بعد احتجاج ڪرڻ بعد آسرو ڏئي انتظار ڪرڻ جو چئي دير سان دربدر ڪيو ويو، جنھن سبب معصوم تڙپي ترپي فوت ٿي ويو. ھنن گهر ڪئي ته ايم ايس ۽ ڊاڪٽر تي عفلت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

  • آمريڪا پاران شام ۾ ترڪ فوجي آپريشن جي حمايت

واشنگٽن (اي پي پي)آمريڪا شام ۾ ترڪ فوجي آپريشن جي حمايت ڪندي چيو آهي، ته ترڪيه کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق  حاصل آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي، ته ترڪيه کي خاص طور تي پنهنجي ڏاکڻين علائقن ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي ۽ ملڪ کي يقيني طور تي پنهنجي شهرين جي دفاع جو پورو حق حاصل آهي. هن چيو ته ترڪيه جون سرحد پار ڪارروائيون آمريڪا جي ڪجهه سيريبين ڊيمو ڪريٽڪ فورسز (ايس ڊي ايف) شراڪتدارن کي رد عمل تي مجبور ڪري سگهن ٿيون جنهن سان انهن جي داعش خلاف جنگ جاري رکڻ واري صلاحيت محدود ٿي سگهي ٿي.

  • 22هون فيفا ورلڊڪپ دفاعي چيمپيئن فرانس پاران گروپ ڊي ۾ آسٽريليا کي شڪست

دوحه (اي پي پي)دفاعي چيمپيئن فرانس آسٽريليا کي 22هين فيفا ورلڊڪپ جي گروپ ڊي جي ميچ ۾ شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي سان شروعات ڪئي.  دفاعي چيمپيئن فرانس آسٽريليا کي هڪ جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏني ۽ گروپ ڊي ۾ 3 پوائنٽ حاصل ڪيا. ميگا ايونٽ ۾ فٽبال مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن کي ڏسڻ جو موقعو ملندو. الجنوب اسٽيڊيم، الوقره ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي اٺين ميچ ۾ گروپ ڊي جي ٽيمن فرانس ۽ آسٽريليا وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن فرانس شاندار راند جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا کي شڪست ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.