ڌارين کي سهولتون ڏئي ڌرتي ڌڻين سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: لال جروار

ٽنڊو باگو (ن ع آ) ٽنڊي باگي ۾ ڌارين جي نيڪالي ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر، اياز کوسي، جاکرو نوحاڻي، زرقا هاليپوٽو، مهراڻ درس، بيگم زئور سنڌو جمالي، فاضل زئور، مختيار بڪاري، امير بخش جروار، هميرو مل، محبت هاليپوٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن عالمي امداد هڙپ ڪرڻ لاءِ سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي تباهي ۽ بربادي برپا ڪئي، پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي ڀوتارن هٿيار بند ويهاري قبضا ڪري هاڪڙي ۽ پراڻ جي پاڻي جا رستا بند ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، سوين ماڻهو زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا ۽ کربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ان سڄي جاني، مالي نقصان جي ذميوار پ پ پ سرڪار، وزير، مشير، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سندن جوڙيوال ڪامورا ۽ آفيسر شاهي آهي. ٻوڏ کي ڪافي مهينا گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين ٻڏل علائقن مان پاڻي جي نيڪال جا ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا. مصيبت جي ماريل ماڻهن جي سهائتا ئي نه ڪئي وئي، ملندڙ امداد کي ڪرپشن وسيلي حڪمرانن ۽ ڪامورن پاڻ ۾ ناني ويڙهو ڪري ورهايو ويو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن ڌارين کي سهولتون ڏيئي سنڌ ۾ دائمي رهاڪو جي دعويٰ ڪري ڌرتي ڌڻين سان بي واجبيون، ڏاڍايون ۽ عقوبتون ڪري رهيا آهن، روز ڌارين هٿان ديس واسي تترن جيان ماريا پيا وڃن، روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڌرتي ڌڻي جو لاش ملي رهيو آهي، قبيلائي جهيڙا ڪرائڻ ۾ جاگيردارن ۽ سردارن جو سڌو هٿ آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهُر ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، قانون جي رٽ بحال ڪري امن ۽ انصاف وارو نظام رائج ڪيو وڃي، ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ، زخمين کي 30 لک بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائڻ لاءِ 50 لک ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.