جوهي: بدامني ۽ سماجي براين خلاف پوليس جي ڪارروائي

جوهي (ن ع آ) سنڌ اندر وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات ۽ ٻين سماجي براين کي خاتمي لاءِ آءِ جي پوليس جي هدايت تي جوهي پوليس شيل پيٽرول  پمپ وٽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ دوران دادو کان جوهي ايندڙ رڪشي مان تلاشيءَ دوران شراب جون بوتلون هٿ ڪري ورتيون آهن.پوليس موجب چيڪنگ دوران رڪشا جو ڊرائيور ساجد ولد عباس لنڊ کي روڪي شراب جون 92 بوتلون هٿ ڪري مٿس منشيات وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. ايس ايڇ او جوهي شوڪت لنڊ ٻڌايو ته آءِ جي پوليس جي حڪم تي سنڌ اندر وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم، جوا، منشيات ۽ فحاشي کي روڪڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.