مڙس جا قاتل گرفتار ڪيو، بيواهه پاران، احتجاج، عدت ۾ نه ويهڻ جو اعلان

خيرپور ( س ر )  ٽنڊومستي ۾  چارڏينھن اڳ بيدردي سان قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي لياقت علي چيمه جي بيواھ شمشاد بي بي پنھنجي ٻچڙن وسيم احمد. نعيم احمد. آصف علي ۽ ٻين گھرڀاتين محمد افضل چيمه صدام حسين الطاف حسين اشفاق. جميلان بي بي. سڙيا بي بي ۽ ٻين سميت صحافين آڏو   داهيندي ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث جوابدار ممتاز گورايه غفور. طاهر ۽ ٽنڊومستي پوليس  ايس ايڇ او ۽ ٻيا ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ان موقعي تي مقتول جي بيواھ شمشاد بي بي پاران مڙس جي قاتلن کي  انجام تي پھچائڻ خاطر شرعي طور لازم عدت ۾ نه ويھڻ جو اعلان ڪندي مڙس جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس وڙھڻ جو اعلان ڪندي هڪ وڌيڪ ٽنڊومستي پوليس اهلڪار طاهر نارو کي ملوث قرار ڏيندي چيو ته ٽنڊومستي پوليس قاتلن جي پٺ بڀرائي ڪري رھي آھي۽ قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪار طاهر نارو جو نالو ايف آئي آر ۾ نه ٿو ڏنو وڃي هن وڌيڪ ايس ايس پي خيرپور. ڊي آئي جي سکر. آ۽ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري ٽنڊومستي ٿاڻي تي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪار جو نالو ايف آئي آر ۾ داخل ڪري اسان انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته ٻئي صورت ۾ پنهنجي ٻچڙن سميت پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھ ڏئي پاڻ ساڙيندس ان جو ذميوار به ايس ايڇ او ٽنڊومستي هوندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.