جلد ئي اسان دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين: ترڪيه

انقره (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي، ته جلد ئي اسان دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين، ميڊيا رپورٽن مطابق ترڪيه جي صدر آرتوين ۾ يوسف ايلي بيراج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان دهشتگردي کي بزدلاڻيون ڪارروائيون سمجهيون ٿا.  ٻارن سميت 6 معصوم جانين جو ذيان بڻجندڙ ان حملي جو جواب اسان عراق ۽ شام جي اتر وارن علائقن ۾ عليحدگي پسند دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن کي هدف بڻايو آهي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجي محفوظ پناهگاهن تي وسيل بم هضم نه ٿيا ۽ انهن اسان جي سرحدي علائقن ۾ اسان جي شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي سرحدن ۽ شهرين تي حملن جو سبب واضح ٿي ويو آهي.هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي، انهن کي هٿيار ڪير فراهم ڪري رهيو آهي. رجب طيب اردگان چيو ته اسان جلد ئي پنهنجي جهاز ن، توپن ۽ ڊرون سان گڏ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي وينداسين ۽ انهن جي حامين سميت خاتمو ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.