سعودي عرب جي سونارا بازار ۾ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي

جده (اي پي پي) عرب جي گولڊ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن 24 قيراط هڪ گرام سون جو اگهه 209.90 ريال جڏهن ته 21 قيراط هڪ  گرام سون 183.67 ريالن ۾ وڪرو ٿيو. 22 قيراط هڪ گرام سون جو اگهه 192.41 ريال جڏهن ته 18 قيراط هڪ گرام جو اگهه 157.43 ريال رهيو. گولڊ مارڪيٽ ۾ 21 قيراط واري 8 گرام سون جي گني 1763.20 ريال ۾ وڪرو ٿي. ۽ 24 قيراط جي 8 گرام واري گني 2015.09 ريالن ۾ وڪرو ٿي.

  • جاپان جو انٽر سيپٽر ميزائيل جو ڪامياب تجربو

ٽوڪيو (اي پي پي) جاپان جي دفاع واري وزارت ايس ايم ٿري بلاڪ ٽو اي انٽر سيپٽر ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جو اعلان ڪيو  آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق جاپان جي دفاع واري وزارت چيو آهي، ته جاپان ۽ آمريڪا جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪيل ايس ايم ٿري بلاڪ ٽو اي انٽر سيپٽر ميزائيل جو پهريون ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. . وچولي مفاصلي جو انٽر سيپٽر بيلسٽڪ ميزائيل ايس ايم ٿري بلاڪ ٽو اي کي آمريڪن فوجي بيس تان ”ايجيس دفاعي ميزائيل سسٽم“ 16 نومبر تي فائر ڪيو ويو هو. ميزائيل ماٺي سمنڊ جي مٿان 100 ڪلوميٽرن جي رفتار واري ميزائيل حملي کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو. واضح رهي ته جاپان دفاعي سهڪار ايوي ايشن ڪمپني ”لاڪ هيڊ مارٽن“ پاران امريڪا جي دفاع واري وزارت لاءِ تيار ڪيل ”ايجيس بيلسٽڪ ميزائيل دفاعي سسٽم“ کي وصول ڪندڙ ٻيو ملڪ آهي. جاپان جي ڄاڻايل سسٽم ذريعي فائر ڪيل ميزائيل جي نئين ويزن انٽر سيپٽر ميزائيل جي تياري ۾ آمريڪا جو سهڪار پڻ شامل آهي.

  • منگوليا جو صدر 27 نومبر تي چين جو ٻن ڏينهن وارو دورو ڪندو

بيجنگ (اي پي پي ) منگوليا جو صدر يوکناخريل سکه 27 نومبر تي چين جو 2 ڏينهن وارو دورو ڪندو . چيني سڌ سماءِ جي ذريعن مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي  ترجمان هواچن اينگ چيو آهي ته منگوليا جو صدر يوکنا خريل سکه 27 ۽ 28 نومبر تي چين جو دورو ڪندو اهو دورو هو چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.