جي يو آءِ مذهبي نه پر سياسي جماعت آهي: غوث بخش مهر

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش خان مھر ڳڙهي ياسين ۾ ميڊيا سان ڳالھئيندي چيو ته  عمران خان سان سنڌ جي  سئنير سياستدان سان گڏجي عيادت ڪرڻ وياسين، جي ڊي اي جو پي ٽي آئي سان الحاق ناهي، باقي موجوده حڪومت جا مخالف آهيون، جي يو آئي هاڻي مذهبي ۽ ديني جماعت نه رهي آهي، بزرگن ۽ علمائن واري جماعت هاڻي مڪمل سياسي جماعت ٿي ويئي آهي،  سنڌ تباهي ۽ ڏڪار طرف وڃي رهي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي، جيڪو ايس پي ڪم ڪري ٿو ۽ ڌاڙيلن تائين پهچي ٿو ان کي واپس موٽايو ٿو وڃي،  ڌاڙيلن جي مٿي ليول تي اٿي ويٺي آهي، سسٽم ناڪام ويو آهي، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور ضلعن ۾ وڏو آپريشن ڪيو وڃي، ان جي حمايت ڪنداسين، ضلعي انتظاميه ڪو به آبادگارن ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ پيڪيج نه ڏئي سگهي آهي، هاري ٻج لاءِ پريشان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.