ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ واردات جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

حيدرآباد(پ ر)سنڌ جي ناليواري اديب شاعر ۽ پبلشر موهن مدهوش جي حيدرچوڪ ڀرسان واقع ڪويتا پبليڪيشن ڪتاب گهر مان لکن  رپين جي چوري ٿيڻ واري واردات جو ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي امجد شيخ متاثر اديب موهن مدهوش سان ايس ايس پي آفيس ۾ ملاقات ڪري کانئس واردات جا تفصيل معلوم ڪرڻ بعد ٿڏي تي ئي ايس ايڇ او مڪي شاهه کي حڪم ڏنو ته چوري ٻن ڏينهن اندر ريڪور ڪرائي وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او مڪي شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته علائقي جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جا رڪارڊ هٿ ڪيا آهن ۽ ان ۾ ڪجهه پيش رفت ٿي آهي. اميد ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ نتيجو ملندو. ٻئي طرف سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن آڪاش انصاري، مدد علي سنڌي، جاني خاصخيلي, قاضي خادم، نياز پنهور، نصير مرزا، انعام شيخ، سرفراز راڄڙ، غلام محمد لاکو، اشتياق انصاري، گل محمد عمراڻي، تاج جويو، منظور جوکيو، اسحاق سميجو، انور ابڙو، حسن مجتبيٰ، بيدل مسرور، زيب سنڌي، ڊاڪٽر مُرلي، امين ارباب، ڊاڪٽر شير مهراڻي، عرفان انصاري، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، رکيل مورائي، پير بهاءُالدين سرهندي، راڻو راٺوڙ، فياض ڏاهري، اڪبر ڌامراهه، آسي زميني، ايوب کوسو، لياقت رضوي، مختار جانوري، جاويد سوز هالائي، نارائڻ ڪاپڙي، ايڊووڪيٽ شيوڪ راٺوڙ، ڊاڪٽر پرديپ هرچنداڻي ۽ ٻين موهن مدهوش جي ڪتاب گهر مان چوري واري واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اديب ۽ شاعر عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کان مطالبو ڪيو ته موهن مدهوش جي ڪتاب گهر مان چوري ٿيل لکين رپيا روڪ رقم ۽ لکن جي ماليت جو سامان واپس ڪرائي اديبن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.