ثقافت کاتي واهر نه ڪئي، سريلو راڳي طارق چانڊيو تڙپي تڙپي فوت

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ واسي سريلو ۽ مشھور راڳي طارق چانڊيو 35 ورھين جي ڄمار ۾ جيري جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو آھي. ميھڙ جي فنڪارن پاران 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. نالي واري راڳي طارق چانڊيو کي 4 ٻارن  جو اولاد آھي، وارثن ٻڌايو ته ٻوڏ دوران سندس ڪا به سھائتا نه ٿي سگھي ۽ ھو بيروزگاري سبب انتھائي پريشان ھيو، جڏھن ته اچانڪ بيمار ٿيڻ سبب سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي به ڪا واھر نه ڪئي، جنھن ڪري ھن جو اعلاج نٿي سگھيو ۽ ھو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آھي. طارق چانڊيي ڪيترن ئي ٽي وي چئنلن تي راڳ ڳايو، مرحوم جا ڪيترائي مداح ھئا. گذريل ھڪ سال کان معاشي مسئلن جي ور چڙھيل ھيو، بيماري سبب ثقافت کاتي سميت ڪنھن به اداري سندس سار نه لڌي. جنھن سبب ناميارو راڳي اسان کان وڇڙي ويو آھي. طارق چانڊيو جي اوچتي وڇوڙي تي ميھڙ ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي، وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، وڏي تعداد ۾ شھري ۽ عزيز تڏي تي پھچي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا. راڳي طارق چانڊيو جي جنازي واري نماز شھيد عاشق جتوئي پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، واپاري ماڻهن سميت فنڪارن، سازيندڙن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.