دبئي ۾ ئي دنيا جي وڏي ۾ وڏي رهائشي عمارت

دبئي ۾ دنيا جي نئين ۽ وڏي ۾ وڏي رهائشي عمارت تيار تعمير ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ان هائپر ٽاور ۾ سئو منزلون هونديون ۽ اها مُک هيٽن جي سڀ کان وڏي عمارت چا سئو ٻاهتر ميٽر کان به اوچي هوندي.

هائپر ٽائپر، اماراتي پراپرٽي ڊولپمينٽ ڪمپني بنغاتي ۽ گهڙيون ٺاهيندڙ جيڪب اينڊ ڪمپني جو گڏيل پراجيڪٽ آهي.

ٻنهي ڪمپنين اڱارتي ڏينهن عمارت جي ذزائن جي نمائش ڪئي ۽ گڏيل بيان ۾ چيو ته اسان جو مقصد دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي رهائشي عمارت تيار ڪرڻ آهي.

عمارت جي سڀ کان دل لڀائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ان جي مٿان هيرن جهڙو نقش نگار وارو تاج ٺهندو.

هائپر ٽاور ۾ خاص خانگي ڪلب ٺاهيو ويندو جنهن ۾ سوئمنگ پول ۽ لائونج هوندو.

سئو منزلن واري ان عمارت جي مٿين ۾ مٿين منزل تي پنج پينٽ هائوس بڻبا جيڪي تمام ڪشش وارا ۽ خاص هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.